
سَنگُ جمع سَنگَ
ذ. [ف. سنگ = پهڻ] پٿر ، پهچڻ ، مُٽڪو ، پوک جو چوٽيءَ وارو حصو ، سِٽو. ڳئون جي پڇ جي پڇڙي وارو جهڳٽو. مڇيءَ جو هڪs قسم، بنا ڇلرن جي، ويڪر اٽڪل چار آڱر، رنگ ڪارو، بت تي اڇا ٽڪا، قد ٻن کان ڇهه فوٽ. وزن ، بار. عزت ، وقار.
سَنگ
ذ. [سن. سم = گڏ + گم = هلڻ] سنگت ، صحبت ، دوستي ، ياراني. گاڏيپو ، لاڳاپو ، ناتو ، ملاوت ، رِلملائي ، گڏجاڻي ، همراهي ، ميل ، ميلاپ. محبت ، پيار ، ڀائپائي ، شراڪت ، پنگت ، ساٿ. جماعت ، سٿ ، مَنڊِلي ، مجلس ، سڀا.
سِنگُ جمع سِنگَ
ذ. [سن. سِنههَ = شينهن] سِکن جو لقب. نالي جي پويان ايندڙ. مثلا ”اجيت سنگ“ شينهن ، بهادر ، سورهيه. بُرج اَسَدُ ، آسمان جي پنجين راس.
سُنگُ جمع سُنگَ
ذ. ٽولي جي سنگت. سَٿ. ٽولو. هڪ قسم جي ڍل، بلوچستان جي بلوچ سردارن طرفان پنهنجي قوم کان وصولي. محصول. پيس مان ٺهيل گهگهي جي شڪل تي کارو. جبل جي ماٿرين ۾ جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي سنگن کي لڻي گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ. گديا ، مقعد ل.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
سُنگ
سونَ جون دَٻليُون، گڏجي ڳائڻ يا ٽولن ۾ ڳائڻ
سُنگ سان لاڳاپيل لفظ
.
سُنگ بابت وڌيڪ اصطلاح
ٿاڦي
ث. ڪنڀارڪي ڪم جو هڪ اوزار ، ٺَپڻي. رازڪي ڪم جو هڪ اوزار ، مارو. ننڍو ڇيڻو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal