سَرُ
اسم خاص. تعلقي جاتي ۾ هڪ ديهه جو نالو.
سَرَ جمع سَرون
ث. موتين جي لڙهي ، موتين مڙهيل سڳو ، ڦَٽاڪن جي لَڙه يا پاٺو ، گَجَ جي ڀَرت جو هڪ قسم ڪ. اُٺ جي بغل جي وچوارو وڌيل گوشت. ڪچ ڪوڏين جي جهالر واري اوڄيدار چني.
سَرُ جمع سَرَ
ذ. [سن. شَرُ = ڪاني جو قسم] ٻُوڙي جو قسم. سر جي ڪاني مان ٺهيل تير. ٻاڻ ، تير ، ٽينگر ، پيلو. ”سر جو سڃيو سڄڻين ٻنگان ڀري ٻاڻ“ شاهه کير جي پِڇيءَ جو مٿيون تهه. ڪانچ جو وَڪَڙُ. صفت سِڌو، سر ڏکڻ = سڌو ڏکڻ
سِرَ جمع سِروُن
ث. [سن. شِلا = سِرَ] پڪي چيڪي مِٽيءَ جو چورس يا ڪعب ٽڪر ، ڀتين ٺاهڻ ۽ فرش وغيره ۾ ڪم ايندڙ. پينگهي جي ڪاٺي، جنهن ۾ گهوڙي ۽ ٽنگون پَون. سَرَ جي ڪاني جي کلن واري ڪُت.
سِرِ
ظرف. ڏي ، وٽ ، ڏانهن ، تي اُتي ، مٿي ، ۾. اڳڀرو ، اڳتي. ويجهو ، لڳ ، ڀر ۾ پهچڻ. سان. بابت.
سِر جمع سِر
ذ. [ع. سِر = اسرار] ڳجهه ، راز ، ڀيد ، مَنجههُ ، انت. وِچُ ، سُرُ ، پيٽُ ، پوشيدگي. حيرت. خوشي.
سِرُ جمع سِرَ
ذ. [ف. سَر] بدن جو هڪ عضوو ، مٿو ، سِرِي ، سِسِي. منڍي. ابتدا ، شروعات.
سِرُ
باز جي اوڳر، اوڳر جو ڳوڙهو جيڪو وات ۾ اوڳاڇي.
سُرُ جمع سُرَ
ذ. [سن. سوَرَ = آواز] سُريلو آواز. علم موسيقيءَ مطابق آواز جي هيٺاهين ۽ مٿاهين، ستن درجن ۾ ورهايل آهي ١ دل مان نڪرندڙ آواز مور جهڙو ٢ پيٽ مان نڪرندڙ آواز پپيهي جهڙو ٣ ڇاتيءَ مان نڪرندڙ آواز رِڍَ جهڙو ٤ معدي مان نڪرندڙ آواز ڪُڪڙ جهڙو ٥ قلب مان نڪ
سَر (ذ)
مٿو ، سِرُ. چوٽي ، ڪاميابي. انگ Sir سائين جناب ، ظرف. سِڌو ، سامهون سر اولهه = سڌو اولهه جي طرف. مٿي ، چوٽيءَ تي سَردار = سوليءَ تي. مٿان ، اڀو سَرِ ڪاپار = ٺيڪ مٿان، منجهند. تي ، وقت سَرِ مَجلس = مجلس جي وقت.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اهو ٻوڙو، جيڪو ڇپرن ٻڌڻ جي ڪم اچي
سَرُ سان لاڳاپيل لفظ
.
سَرُ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
سَرُ لفظ جو عام استعمال
آب
ذ. [ف. آب؛ سن. ١. آپ > اَپ = پکڙڻ؛ ٢. آو ا= مَٿان جو پاڻي، آسماني برسات جو پاڻي] پاڻي ، نِيرُ ، جَلُ ”لُڙ، لهريوُن، لَس ليٽ، جت اَنت نه لڀي آب جو“ شاهه. مِينهن ، برسات ، بارش ”وُٺو آب اگُوندرو“. اکين جو پاڻي ، لُڙڪ ، ڳوڙها ”آڻيو آب اکين مان، ڏيهه کي ڏ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal