SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سَتُ


:جامع سنڌي لغات ۾

سَتُ

سَتَ

صفت. [سن. سَپتَ < سَپتَن. ع. سَعة = سَتَ] هڪ عدد جو نالو ٦ کان پوءِ اٺن کان اڳ جو انگ ، ٧.

سَتُ جمع سَت

ذ. سچ ، سچائي ، حقيقت. سيل ، پاڪدامني ، عصمت ، لڄ ، شرم ، پردو ، حَيا. ويساهه ، ڀروسو ، يقين. مضبوطي ، پڪائي ، اِستحڪام. سُلڇَڻُ. گڻ ، خاصيت ، وَصف. نچوڙ ، مغز ، جوهر ، عرق ، لب لباب ، اصل روح. سارُ ، مولُ ، تَتُ. رَسُ. طاقت. وَسُ ، پڄندي ، مجالَ ، دَستَر

سِتُ جمع سِتُون (ت)

ث. سُتُ.

سُتُ جمع سُتَ

ذ. اکين جي تنرن ۾ پيدا ٿيل گند ، اک جو خرابو ، پِچِي ، چِپِي. ٻارن کي سُتي وجهڻ لاءِ وڏو سوتو ، سُتيءَ جو موٽو نالو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ٻارن جي لغت مان

سَتُ

گرامر noun

- اسم

essence


ھم معنى لفظن جي لغت

سَتُ

سَتُ

لَڄَ يا آبرُو يا عزت يا مانُ، طاقت يا زور، طاقت ست


شيخ اياز لغت

سَتُ

اعتبار، ڀروسو، يقين، سچائي.
جَتَّ ته جهجها جوءِ ۾، سسئي ھڪڙو جَتُ
ساھه اُنھيءَ ڏي سَتُ ڪاھي پيو ڪوھه ۾.
(سورج مُکھيءَ سانجهه:26)


سَتُ سان لاڳاپيل لفظ


.


سَتُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آفيم جو سَتُ
  • رام ست
  • رت ست

  • .


    سَتُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    سيالڪي

    اسم خاص. تعلقي بدين ۾ هڪ ديهه جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal