SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سيٽُ


:جامع سنڌي لغات ۾

سيٽُ

سِيٽَ جمع سِيٽُون

ث. [سن. سِيتَر = سيٽ] آڪڙ ، ٽانءِ ، ڦُونڊ ، وڏائي ، غُرور ، هَٺُ ، تڪبر. سِيٽِي ، سِينڊَ. ڪُوڪَ ريل جي ، ڪُوڪاٽ ، سُوساٽ. جانور جي هڪ بيماري ، انگ. Seat ويهڻ جي جاءِ ، ڪرسي ، ڪوچ وغيره. جُوارين جي اصطلاح ۾ جوان عورت.

سيٽُ جمع سيٽَ

ذ. انگ. ڪن شين جو مجموعو ، مثلا چاءِ جو سيٽ ، ڪوچن جو سيٽ ، سينگار جو سيٽ وغيره.

سيٽُ جمع سيٽَ (ٿ)

ذ. کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ چم جو ڊگهو. رسو ، ٿُلهو رَسو ، ڪَڍَ ت. رَسِي ، وَڍي. ڏانوڻ ، نِيرُ ، بَندُ. ”وٽي سِيٽَ سُوٽَ، پاءِ پنهنجي ڪرهي“ شاهه. ڪَڍَ ت. پوک کي ڀيلجڻ کان بچائڻ لاءِ ڊڀن مان ٺهيل سنهي پڇڙيءَ سان رسو، ٺڪاءُ ڪڍائڻ لاءِ ٽَٽُ.

سِيٽَ جمع سِيٽُون

ث. وڏائي ، تَڪبر ، آڪڙ ، هَٺُ ، غُرور ، مغروري ، ٺِڳَ ، ڊگڙ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ٻارن جي لغت مان

سيٽُ

گرامر noun

- اسم

set; collection (of objects)


سيٽُ سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

مجرو ڀرڻ

مُجِرو ڀَرَڻُ

ڪنهن درگاهه تي وڏي ماڻهو اڳيان ناچ جو مظاهرو ڪرڻ، سلامي ڪرڻ، زيارت ڪرڻ، آداب بجا آڻڻ، نياز ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal