SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سون ۾ مٽائڻ وارو مالي سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سون ۾ مٽائڻ وارو مالي سرشتو

Gold Excahnge Standard

گولڊ ايڪسچينج اسٽئنڊرڊ

مالي سرشتو 1945ع ۾ بريٽن ووڊ معاشي سرشتي (Bretten Wood System) تحت ملڪان ملڪ مالي ڏيتي ليتيءَ کي سون تي آڌاراڻ جو بنياد پيو. جڏهن هڪ ملڪ جي سڪي کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي سڪي جي ذريعي مٽائي نه سگهجي ته اُتي سون کي ڪنهن به وکر جي مُلهه طور ڪتب آڻي سگهجي. دُنيا ۾ ڪافي عرصي يعني، تقريبن 25 سالن تائين هي سرشتو رائج هو، پر پوءِ 1970ع ۾ آمريڪا جي صدر نڪسن طرفان اختيار ڪيل پاليسيءَ جي ڪري ڊالر جي قدر ۾ تمام گهڻي گهٽتائي اچڻ ڪري، هي سرشتو هلي نه سگهيو. عالمي پڙيءَ ۾ جڏهن ڊالر جو ملهه ڪري پيو ته ڪيترن ئي ملڪن (خاص طور تي فرانس) هن سرشتي تي اعتراض واريو. ان ڪري به ڪيترن ئي ملڪن ڏيتي ليتيءِ جي هن سرشتي جي مخالفت ڪئي. جو ان جي نتيجي ۾ آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ توڙي واپار کي وڏي هٿي ملي ٿي


Remember Me Also:

کڙتيل نڪرڻ

مراد ظاهر ٿيڻ ، مقصد نڪرڻ. حاصلات ٿيڻ ، پيدا ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal