بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Bargening Power
بارگينگ پاور
ڪنهن به رياست جي اٿاهه سگهه، جنهن ذريعي اُها ٻين طاقتن ۽ رياستن جي رويي کي پنهنجيءَ مرضي مطابق تبديل ڪري سگهي. اهڙي طاقت بين الاقوامي تعلقات ۾ پنهنجي سياسي، معاشي ۽ فني برتريءَ سبب ان پوزيشن ۾ هوندي آهي، ته ٻين ڌُرين جي مٿان اثر انداز ٿي، سندن فيصلا تبديل ڪرائي سگهي ۽ کانئن پنهنجي مرضيءَ مطابق پاليسيون جوڙائي سگهي. اها طاقت عالمي نظام ۾ به پنهنجين نظرين کي مڙهيندي عالمي سياسي سرشتي کي ڪنٽرول ڪندي آهي. آمريڪا طرفان ”ٿڌي جنگ“واري دور ۾ طاقت ور ڪردار ادا ڪرڻ سبب، اولهه يورپ جا مُلڪ عالمي سياست ۾ سندس اڳواڻي مڃڻ تي مجبور ٿيا ۽ سندس دٻاءَ موجب پاليسيون ترتيب ڏيڻ لڳا. ساڳي برتري اوڀر يورپ ۾ موجود ڪميونسٽ ۽ ٻين مُلڪن مٿان سوويت يونين کي مليل هُئي. هن سگهه جي ذريعي هڪ طاقتور ڌُر طرفان ٻين ڌُرين کي مالي/ اقتصادي امداد، فوجي سگهه ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي فراهميءَ سبب کين پنهنجو ڳيجهو بڻايو ويندو آهي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal