بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Pillars of Support
پِلرس آف سپورٽ
ڪنهن به رياستي سرشتي جا اُهي شعبا، ادارا ۽ تنظيمون، جيڪي رياست جي سياسي سگهه کي برقرار رکڻ لاءِ اُها توانائي فراهم ڪن، جيڪا عالمي برادريءَ ۾ سندس مان ۽ مريادا جو سبب بڻجي سگهي. ”سهائتا جي اهڙن ٿنڀن“ ۾ بااختيار سياسي ادارا، جيل، اعليٰ تعليمي ادارا، واپاري طبقو، مزدور تنظيمون، ميڊيا ، فوجي شُعبا، پوليس، ۽ ٻيا حلقا به شامل آهن. اهي ٿنڀ رياستي ڪاروهنوار ۽ اثر جي ڌر جي دري کي بلند ڪرڻ ۽ بين الاقوامي برادريءَ ۾ الڳ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾، ڪنهن به قوم/ رياست لاءِ تمام گهڻا مددگار ثابت ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ جو مٿين اداران جي ڪارڪردگي ئي رياست جي ڪردار کي طئي ڪندي آهي
اڻ هوند
ث. نه هُئڻ جي حالت ، ڀينگ ، کُٽلائي. مسڪيني ، غربت ، مفلسي ”هڪ اَڻ هُوند، ٻيا افعال بڇڙا“. ڪنهن به شيءِ جي وجو د۾ نه هئڻ واري حالت ، عَدم.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal