(Social Realism)
سماجي حقيقت نگاري اصل ۾ سوشل ازم جي نظرئي سان تعلق رکي ٿي، جنهن کي ترقي پسند ادب جي تحريڪ اڳيان آندو. ان تحت ادب ۾ سماجي اڻ برابري، طبقاتي ڇڪتاڻ، غربت، بک ۽ بيروزگاري جهڙن موضوعن تي وڌيڪ زور ڏنو ويو. سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ خارجيت جو عنصر نمايان هو. سوشلسٽ نظرئي موجب ادب جو اصل مقصد سماجي حقيقت نگاري آهي، يعني سماج جي حقيقتن کي جيئن ڏسجي تيئن پيش ڪجي، ادبي ترقي سماجي ترقيءَ تي ٻڌل هوندي آهي. جيئن جيئن سماجي شعور وڌندو رهي ٿو تيئن تيئن اديب زندگيءَ کي ويجهڙائي کان ڏسي ٿو ۽ جيترو جيترو زندگيءَ جي ويجهو ٿئي ٿو. اوترو وڌيڪ حقيقت پسند ٿيندو وڃي ٿو. سماجي حقيقت نگاري ۾ گورڪي، گوگول، ٽالسٽاءِ، بالزاڪ، چارلس ڊڪنس ۽ ابسن جا نالا وڏي اھميت رکن ٿا. سنڌي ادب ۾ غلام نبي مغل، نسيم کرل، جمال ابڙو، نياز همايوني، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ليکڪ نمايان سماجي حقيقت نگار آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal