بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Embeded Reporters
ايمبيڊيڊ رپورٽرس
جنگ ۾ ميڊيا جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، جنگي سرگرمين جي مُڪمل رپورٽنگ ڪرڻ ۽ محاذ تي ٿيندڙ ڪارگُذاريءَ کي محفوظ ڪري پروپئگنڊا لاءِ استعمال ڪرڻ خاطر، هر فوج سان خانگي ۽ سرڪاري صحافين ۽ خابرو حلقن جو هڪ جٿو هر وقت ساڻ هوندو آهي، جيڪو محاذ تي ٿيندڙ پَل پَل جي سرگرمين بابت پنهنجون رپورٽون، تبصرا ۽ رايا رڪارڊ ڪندو ويندو آهي. اهو جٿو فوج جي هراول دستن سان سلهاڙيل هوندو آهي ۽ پنهنجي فوج جي ڪارگُذاريءَ سان گڏ دُشمن فوج جي سرگرمين بابت پڻ معلومات رکندو آهي. ان صحافتي جٿي جي تمام گهڻي حفاظت ڪئي ويندي آهي، کين محفوظ پوشاڪون ۽ ورديون به پارايون وينديون آهن، ته جيئن آسان سڃاڻپ جي ڪري، اُهي دُشمن جو نشانو نه بڻجي سگهن. ’نار جي جنگ‘ دنيا جي ناميارن صحافين اتحادي فوجي دستن سان گڏ جنگ جي ميدان مان جيڪا به رپورٽنگ ڪئي، انهيءَ سڄي دُنيا آڏو جنگ جا سڌا سنوان (Live) منظر پيش ڪيا.
لڦڙي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal