SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سلامتي ڪائونسل


مفصل سنڌي لغت مان؛

سلامتي ڪائونسل

اعرابن سان:سَلامَتِي ڪائُونسِلِ

سَلامَتِي ڪائُونسِلِ: ]ا - خاص[ اَقوامِ مُتَحِده جو هِڪُ اَهَم ذيلِي اِدارو (جيڪو دُنيا جي سَڀنِي مُلڪَنِ ۾ اَمنَ ۽ سَلامَتِيءَ توڙي ڪَنهِن مُلڪَ جِي حَدُنِ ۾ ڪَنهِن بيرونِي حَملي وَغيرَه ۽ اُنَ جي بَچاءَ مُتَعلِق مُعامِلَنِ تي غورُ ڪَندو آهي)

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


سلامتي ڪائونسل

Security council


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سلامتي ڪائونسل

Security Council

سڪيورٽي ڪائونسل

دُنيا ۾ امن جي بحاليءَ ۽ اجتماعي تحفظ لاءِ قائم ڪيل گڏيل قومن جي هن اهم جُز جا 15 رڪن، 5 مستقل ۽ ڏهه غير مستقل آهن. غير مستقل رڪنن جي چونڊ جنرل اسيمبلي ٻن سالن جي عرصي لاءِ ڪندي آهي، جڏهن ته آمريڪا، روس، برطانيا، فرانس ۽ چين ان جا مستقل رڪن آهن. هن اداري جو ڪم دُنيا کي ملندڙ بُحرانن، جنگين ۽ ٻن مُلڪن/ اتحادن ۾ ٿيندڙ تنازعن تي ڪنٽرول ڪرڻ ”گڏيل قومن جي پڌرنامي“ موجب دُنيا جي تڪراري خطن ۾ امن فوج مقرر ڪرڻ، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قومن مٿان پابنديون مڙهڻ، اڳرائي ڪندڙ رياستن مٿان فوجي قلم کڻڻ ۽ ٻين امڪاني بُحرانن جو رستو روڪڻ آهي. اداري جي ڪنهن به مستقل ميمبر کي ڪنهن به قرارداد يا فيصلي کي رد ڪرڻ جو خاص اختيار (Veto Power) مليل آهي. هن اداري جي مستقل ميمبر کي هر وقت سلامتي ڪائونسل جي گڏيل قومن جي مرڪز نيويارڪ ۾ رهڻو آهي، ته جيئن ڪنهن به امڪاني يا هنگامي معاملي / صورتحال تي سڀ ميمبر فوري مشاورت ڪري سگهن، هن اداري جو پهريون اجلاس 17 جنوري 1946ع تي چرچ هائوس لنڊن ۾ منعقد ٿيو


Remember Me Also:

نيڙو

نيڙو (ک)

ذ . کاري جي ٻيڙين جو ماڻهن جي ويهڻ يا سامان وغيره رکڻ لاءِ آڳيل يا پاڇيل دار تختو، ڦٽيو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal