Diplomacy
سياسي حڪمت عملي جي لحاظ کان سفارتڪاري سياست جيتري پراڻي آهي. فني لحاظ کان سفارتڪاري جو مطلب آهي پيشه ور ماڻهن جو جٿو، جيڪو پنهنجي ملڪ جي مفادن جي ٻاهرين دنيا ۾ نمائندگي ڪري. موجوده دؤر ۾ ان اصطلاح جو استعمال ارڙهين صدي عيسوي ۾ ٿيڻ لڳو. ٿڌي ويڙهه جي زماني ۾ ان کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. مختلف ملڪن ۾ قائم ناتا يا معاهدا ۽ بين الاقوامي تنظيمن مثلاً گڏيل قومن جي تنظيم وغيره جو وجود سفارتڪاري جو نتيجو آهي.
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Diplomacy
ڊپلو ميسي
سفارتڪاري مُذاڪرات ڪرڻ جي ڍنگ/ فن ۽ عمل کي چئبو آهي. اِن عمل ذريعي ٻه ملڪ ڳالهين ۽ پرامن نموني قومي مُفاد ماڻڻ ۽ معيشت، ماحوليات، جنگين، ثقافت ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. هن ڍنگ جي اڀياس ۾ رياستن ، بين الرياستي ادارن ، عالمي غير حڪومتي ادارن ۽ گهڻ قومي ڪارپوريشنن سميت ڪيترا ٻيا حلقا اچي وڃن ٿا. علمي اڀياس کان وٺي عوامي پاليسيءَ سان لاڳاپيل مسئلن سميت ڪيترا پهلو ”ڊپلوميسيءَ“ جا موضوع آهن. سفارتڪاريءَ جا مختلف قسم به آهن.عام طرح ”ڳالهين ذريعي بين الاقوامي ناتن جو وهنوار هلائڻ“، غير فوجي، سرچاءَ جي عمل، ثقافتي گهڻ رُخي، علاقائي، معاشي ۽ شهري، سرگرمين سميت سفارتڪاريءَ جا مختلف طريقا آهن. اها ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن يا ٻن اتحادن وچ ۾ پڻ سر انجام ڏئي سگهبي آهي. تاريخي طور تي سفارتڪاريءَ جو فن يونان ۽ بعد ۾ رومي سلطنت ۾ شروع ٿيو ، پر1455ع ۾ اٽليءَ جي رياست ’ميلان‘ جي نواب پهريون دفعو اٽليءَ جي ٻيءَ رياست ’گينوئا‘ ۾ سفارتخانو قائم ڪيو. ان کان پوءِ اٽليءَ جي رياستن يورپ ۾ به پنهنجا سفارتخانا کولڻ شروع ڪيا. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ يورپي بادشاهي درٻارن ۾ مستقل بنيادن تي سفيرن جي مقرري عمل ۾ آئي . آمريڪي۽ فرانسيسي انقلابن سفارتڪار يءَ جي عمل ۾ عوامي حصيداريءَ کي ممڪن بڻايو ، جنهن کي ويانا جي ڪانگريس ۾ ترتيب ۽ مڃتا ملي . سفارتڪاريءَ جي انهيءَ مدي کي ’روايتي دور‘ سان سڃاتو ويندو آهي .ان دور جي سفارتڪاري يورپ تائين محدود، عالمي طاقتن جي محتاج، شعبي بنديءَ کان محروم ۽ ڳجهي هئڻ سبب بين الاقوامي سطح تي ڪا وڏي حاصلات ممڪن نه بڻائي سگهي. اڻويهين صديءَ ۾ (1) بين الاقوامي برادريءَ جي قيام لاءِ وڌندڙ لاڙي (2) عوامي راءِ جي احترام (3) وڏي پيماني تي جڙندڙ عالمي فوجي/سياسي اتحادن (4) فني/ هنري ميدانن ۾ ترقي ۽ رابطائي سرشتي جي ڦهلاءَ سبب سفارتڪاري ءَ جي دنيا ۾ وڏيون تبديليون آيون ، جنهن ڪري ان دور ۾ ٿيندڙ سفارتڪاريءَ کي ’نئين يا جديد سفارتڪاريءَ‘ جي نالي سان سڏيو ويو . انهيءَ سفارتڪاريءَ ۾ پاليسيون کليل طريقي سان جڙڻ لڳيون ، هڪ ٻن جي جاءِ تي دنيا جون سڀ قومون هن عمل ۾ حصيدار ٿيون ، سرواڻ/سربراهه سفارتڪاري وڌي ۽ سياست کان سواءِ زندگي ءَ جا ٻيا شعبا به پاليسيون جوڙڻ جي عمل ۾ اهميت حاصل ڪرڻ لڳا . جديد دور ۾ شهري، ثقافتي، دفاع، ڊالر، معاشي، فيس بوڪ، فري لانس، داٻي ڀريل، تهه-دار، پانڊا، پنگ پانگ، عوامي، علاقائي ۽ ڊڪ ڊوڙ واري سفارتڪاريءَ سميت بيشمار قسم دنيا ۾ عام آهن. (وڌيڪ ڏسو سفارتڪاريءَ جا مّختلف قسم)
.
سفارتڪاري بابت وڌيڪ اصطلاح
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal