SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سر ج سر


مفصل سنڌي لغت مان؛

سر ج سر

اعرابن سان:سَرُ ج سَرَ

سَرُ ج سَرَ: ]ا - مذ[ اَصُلُ، مُنڍُ، بُڻُ، بُنِيادُ
’طالِبُ ڪَثَـرَ، سُنہ سَـرُ، اَندَرِ رُومِيءَ راءِ‘ (شاهه/يمن ڪلياڻ)

اعرابن سان:سَرُ ج سَرَ

سَرُ ج سَرَ: ]ا - مذ[ دُنِيا، جَهانُ، سَنسارُ، زَمانو
’سَرَ ۾ سُجهي ڪونه ڪو، نِرمَلَ جو نَظِيرُ‘ (مَخدُوم طالِبُ المولى)
* دُنِيا جو دَستُورُ

اعرابن سان:سَرُ ج سَرَ

سَرُ ج سَرَ: ]ا - مذ[ ٻُوڙي جو ڊِگهو پَنُ، ڪانهِن جو ڊِگهو پَنُ، ڪانو، تِيلو
* ٻُوڙي جو قِسِمُ
* ]سن: شر = ڪاني جو قِسِم[
* سَرَ جي ڪاني مان ٺَهِيَلُ تِيـرُ
* ٻاڻُ، تِيـرُ، ٽينگَر، پيلو، ڪمانُ، ڪانُ، ڪَرڪُ، ناوَڪَ، خُندَقُ
’سَر جو سُڃ

اعرابن سان:سُرُ ج سُرَ

سُرُ ج سُرَ: ]ا - مذ[ سُرِيلو آوازُ، مِٺو آوازُ، آلاپُ، تَنوارَ
’سُـرُ پِيارو آ ساهَه کان، تَنَ کان مِٺِڙِي تانَ‘ (شيخ اَياز)
* عِلمِ موسِيقِيءَ مُطابِق آوازَ جِي هيٺاهِين ۽ مَٿاهِين )جيڪا سَتَنِ دَرجَنِ ۾ وِرهايَلَ آهي: (١) دِلِ مان نِڪِـرَندَڙُ

اعرابن سان:سِرُ ج سِرَ

سِرُ ج سِرَ: ]ا - مذ[ ڳُجُهه، رازُ، ڀيدُ
* ]ع: سِر = اسرار[
’اَلانسانُ سِرِي وَاَنا سِرِهُ، پَــرُوڙِجُ پَچارَ‘ (شاهه/ڪلياڻ)

اعرابن سان:سِرُ ج سِرَ

سِرُ ج سِرَ: ]ا - مذ[ بَدَنَ جو هِڪُ عُضوو، مَٿو، سِرِي، سِسِي، مُنڍِي
* جانِ، حَياتِي، ساهُه
* ]ف: سر[
* اِبتِدا، شُـرُوعاتِ

اعرابن سان:سِرُ ج سِرَُ

سِرُ ج سِرَُ: ]ا - مذ[ بازَ جِي اوڳَرِ، بازَ جِي اوڳَرِ جو ڳوڙِهو (جيڪو واتَ ۾ اوڳاڇي)

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


Remember Me Also:

ڌڪا ڌومان کائڻ

ڏک ڏاکڙا ڏسڻ ، ڌڪا ٿاٻا کائڻ ، دردر ڀٽڪڻ ، بيحد تڪليفون سهڻ ، دنيا جون لاهيون چاڙهيون ڏسڻ. تجربو حاصل ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal