SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سرمد


:جامع سنڌي لغات ۾

سرمد

سَرمَد

ذ. صفت. [ع. سَرَمَد = بقادارُ] دائم ، قائم ، هميشه ، پيوسته ، رهڻ وارو ، دائمي ، غيرفاني. قادارِ لايزالُ ، جنهن جي ابتدا انتها نه هجي. خدا تعاليٰ. سَرميل ، سردارُ. دهليءَ جي هڪ مجذوب ولي الله جو تخلص يا لقب.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

سرمد

اعرابن سان:سَرمَدُ

سَرمَدُ: ]صفت[ دائِمُ، قائِمُ، هَميشه، پيوَسته، رَهَڻَ وارو، دائِمِي، غيرفانِي
* ]ع: سَرمد = بَقادار[
* قادارِلايَزالُ، جَنهِن جِي اِبتِدا ۽ اِنتِها نه هُجي، خُدا تَعالى
* سَرميلُ، سَردارُ
* ]ا - خاص[ دَهِلِيءَ جي هِڪَ وَلِي الله جو تَخَل

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سرمد

(Sarmad)

سرمد جو مطلب آهي هميشه رهندڙ، دائم. سرمد ڪاشاني (1519-1661ع)، مغل حڪمران اورنگزيب جي زماني ۾ تمام وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. جنهن کي قتل ڪرايو ويو. اڀيچند سان کيس عشق هو. سرمد جو فڪر ۽ نالو سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.


شيخ اياز لغت

سرمد

فقير منش مغل شھزادي دارا شڪوه جو ھڪ يگانو ۽ سرمست دوست، جيڪو ٺَٽي جي بازارن ۾ اڪثر بي لباس ڦرندو وتندو ھو، جنھن کي اورنگزيب مُلن کان فتوائون ڏيارائي قتل ڪرايو ھو.
مُلان پنھنجي عمامي ۾ سوچي،
ڏاڙھي نوچي، ’سرمد ڇا ٿو سوچي‘؟.
(وِڄون وَسڻ آئيون:233)


Remember Me Also:

جنجهه

ث. ٿوري نظر ، دَئو ، ڌَپو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal