SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سر


ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :


سر

سِرُ [ف])مٿو، مُنڍي، سِسي، سِسُ، سيس، سِرِي(

head, head and neck, cephalus [L], kephale [G]


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


سر

S सर s. f.

A fold or string of beads etc. in a necklace.


S P सरि adj.

Head, principal, chief, supreme.


सरु s. m.

A kind of reed or grass from which a kind of cord munj is made. Saccharum sara. The world, the ways of the world. An iron instrument with which when heated clothes are marked ornamentally, the mark so made, a crease. The Hindu burning ground, or place


S सिर s. f.

A brick. An awn of corn.


S P सिरि prep.

At , on, upon.


S P सिरु s. m.

The head.


S सुरु s. m.

Tone, melody, accent, note, song, tune. Hint, obscure, intimation.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

سر

سَرُ

اسم خاص. تعلقي جاتي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

سَرَ جمع سَرون

ث. موتين جي لڙهي ، موتين مڙهيل سڳو ، ڦَٽاڪن جي لَڙه يا پاٺو ، گَجَ جي ڀَرت جو هڪ قسم ڪ. اُٺ جي بغل جي وچوارو وڌيل گوشت. ڪچ ڪوڏين جي جهالر واري اوڄيدار چني.

سَرُ جمع سَرَ

ذ. [سن. شَرُ = ڪاني جو قسم] ٻُوڙي جو قسم. سر جي ڪاني مان ٺهيل تير. ٻاڻ ، تير ، ٽينگر ، پيلو. ”سر جو سڃيو سڄڻين ٻنگان ڀري ٻاڻ“ شاهه کير جي پِڇيءَ جو مٿيون تهه. ڪانچ جو وَڪَڙُ. صفت سِڌو، سر ڏکڻ = سڌو ڏکڻ

سِرَ جمع سِروُن

ث. [سن. شِلا = سِرَ] پڪي چيڪي مِٽيءَ جو چورس يا ڪعب ٽڪر ، ڀتين ٺاهڻ ۽ فرش وغيره ۾ ڪم ايندڙ. پينگهي جي ڪاٺي، جنهن ۾ گهوڙي ۽ ٽنگون پَون. سَرَ جي ڪاني جي کلن واري ڪُت.

سِرِ

ظرف. ڏي ، وٽ ، ڏانهن ، تي اُتي ، مٿي ، ۾. اڳڀرو ، اڳتي. ويجهو ، لڳ ، ڀر ۾ پهچڻ. سان. بابت.

سِر جمع سِر

ذ. [ع. سِر = اسرار] ڳجهه ، راز ، ڀيد ، مَنجههُ ، انت. وِچُ ، سُرُ ، پيٽُ ، پوشيدگي. حيرت. خوشي.

سِرُ جمع سِرَ

ذ. [ف. سَر] بدن جو هڪ عضوو ، مٿو ، سِرِي ، سِسِي. منڍي. ابتدا ، شروعات.

سِرُ

باز جي اوڳر، اوڳر جو ڳوڙهو جيڪو وات ۾ اوڳاڇي.

سُرُ جمع سُرَ

ذ. [سن. سوَرَ = آواز] سُريلو آواز. علم موسيقيءَ مطابق آواز جي هيٺاهين ۽ مٿاهين، ستن درجن ۾ ورهايل آهي ١ دل مان نڪرندڙ آواز مور جهڙو ٢ پيٽ مان نڪرندڙ آواز پپيهي جهڙو ٣ ڇاتيءَ مان نڪرندڙ آواز رِڍَ جهڙو ٤ معدي مان نڪرندڙ آواز ڪُڪڙ جهڙو ٥ قلب مان نڪ

سَر (ذ)

مٿو ، سِرُ. چوٽي ، ڪاميابي. انگ Sir سائين جناب ، ظرف. سِڌو ، سامهون سر اولهه = سڌو اولهه جي طرف. مٿي ، چوٽيءَ تي سَردار = سوليءَ تي. مٿان ، اڀو سَرِ ڪاپار = ٺيڪ مٿان، منجهند. تي ، وقت سَرِ مَجلس = مجلس جي وقت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

سر

اعرابن سان:سَر

سَر: ]صفت[ سائِين، جَنابُ، صاحَبُ
* ]انگ: [Sir
* ]ا - خاص[ اَنگِريزَنِ جي دورَ ۾ سَرڪارِ پاران ڪَنهِن عالِمَ فاضِلَ کي مِلَندَڙُ خِطابُ (جِيئَن: سَر سَيَد اَحمَد خان)

اعرابن سان:سَر

سَر: ]ا - مذ[ جِسمَ جو سَڀنِي کان مَٿانهُون حِصو، مَٿو، سِـرُ، پيشانِي
* دِماغُ، ذَهِنُ، مَغَزُ
* چوٽِي، بُلَندِي
* ڪامِيابِي
* اِبتِدا، عُنوانُ، آغازُ (جِيئَن: سَر وَرقُ، سَر عُنوان)
* ]ف[
* ]ظرف[ سِڌو، سامُهُون (جِيئَن: ’سَر مَغ

اعرابن سان:سِرِ

سِرِ: ]ح - جر[ ڏي، وَٽِ، ڏانهُن، تي، اُتي، مَٿي، ۾
* ]صفت[ اَڳَڀَرو، اَڳِتي
* ويجهو
* ]ظرف[ لَڳِ، ڀَرِ ۾ (پَھُچَڻُ)
* سان
* بابَتِ

اعرابن سان:سِرِ

سِرِ: ]ظرف[ پاڻَ، خودِ، پَنهِنجو پاڻَ
’سائِين پاڻَ پَنھِنجي سِرِ آيو آهي‘ (جملو)
* پَنھِنجي سِرَ تي، پَنھِنجِيءَ جِندُ تي، پَنهِنجو پاڻَ تي
’طَعَنا، تُهَمَتَ لوڪَ جا، سِرِ چَڱا چايامِ‘ (سَچَل سَرمَست)

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سر

(Melody)

سر: اهو آواز (لهجو) جيڪو نسن (رڳن) مان نڪ جي ناسن (سوراخن) وسيلي ساهه سان گڏ نڪري ٿو. اصطلاحي زبان ۾ اهو من موهيندر (وڻندڙ) ترتيب ۽ تنظيم وارو آواز ، جيڪو سازن جي وڄت مطابق يا ائين ئي نڙيءَ مان سُريلو نڪري، ان کي ”سر “ چئبو آهي. علم موسيقيءَ (راڳ) مطابق ”سرگم راڳ“ جي ستن حصن (س – ر-گ-م-پ-ڌ-ن) مان هڪ حصي (ڀاڱي) کي ”سر“ سڏبو آهي. ”سر“ لفظ جي شروعات آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ کان ٿي. موهن جي دڙي مان بوڙينڊو ۽ چنگ جا ساز مليا آهن، ناچڻيءَ جي مورتي ملي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي سر سنگيت عام هو. ان کانپوءِ تاريخي دور ۾ ڏٺو وڃي ته ان جا اُهڃاڻ هندي راڳ ۾ ملن ٿا، جنهن کي هندستاني قديم موسيقي (ٺمري) چئجي، ته بيجا نه ٿيندو. سنڌي زبان ۾ سر جي تاريخ غالباً سومرن جي ڏينهن کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي.


سرائڪي سنڌي لغت مان:

سر

سنڌي : سر

سرائڪي سنڌي لغت سُر/ سُر

]مذ[ موسيقيءَ جو سـُر


سنڌي : سر

سرائڪي سنڌي لغت سِر/سِر

]مذ[ مٿو،، چوٽي، کوپڙي


سرائڪي سنڌي لغت مان:

سر

سرائڪي : سر

سرائڪي ۽ سنڌي: سُر/ سُر

]مذ[ موسيقيءَ جو سـُر


سرائڪي : سر

سرائڪي ۽ سنڌي: سِر/سِر

]مذ[ مٿو،، چوٽي، کوپڙي


سر سان لاڳاپيل لفظ


.


سر بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آتم سر
  • آري سر
  • آشفته سر
  • آواز، سر
  • اوج سر
  • باد سر
  • بادي سر
  • بـرهنه سر
  • بي سر
  • ترانو، لات، مٺو آواز، سر
  • تلاءُ- سر
  • جوڙ، ھم سر
  • حرف علت، سر
  • خان سر
  • خراب گانو، ردي سر
  • خود سر
  • راڳ جو سر
  • ست سر
  • سر ج سر
  • سر سر
  • شاهه جا سر
  • شوريده سر
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    سر لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    اکا هڻڻ

    شاديءَ جي هڪ رسم موجب ڳاني ٻڌڻ مهل ڪنواريتن طرفان گهوٽ جي منهن ۾ چڱي سَوڻ خاطر چانورن داڻا هڻڻ.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal