SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سازُ


:جامع سنڌي لغات ۾

سازُ

ساز

صفت. [ف. ساختن = ٺاهڻ] جوڙيندڙ ، ٺاهيندڙ ، بنائيندڙ ، تيار ڪندڙ مرڪبات ۾ ڪم ايندڙ، جيئن ”دندان ساز، ڪار ساز، گهڙي ساز وغيره“.

سازُ جمع سازَ

ذ. [ف. ساختن = ٺاهڻ؛ سن. سَج ساج] سامان ، اسباب ، ٽپڙ ٽاڙي ، جيئن ”ٻيڙيءَ جو سازُ، گهوڙي جو ساز وغيره“. وڄائڻ جو اوزار ، ساجُ سازن جا نالا ستار ، سارنگي، سُرندو، دَفُ، ڪمانچو، چنگ، سر منڊل، توتارو، ربابُ، بين، پڪواز، بينسري، طائوس واري، ڌڪڙ، طنبورو، ڪرنا

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ٻارن جي لغت مان

سازُ

گرامر noun

- اسم

instrument (musical)


سازُ سان لاڳاپيل لفظ


.


سازُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آئين ساز
  • آئينه ساز
  • افسون پرداز، ساز
  • بهانه ساز
  • جعل ساز
  • خانه ساز
  • دل ساز
  • دندان ساز
  • دُنيا سازُ
  • رنگ ساز
  • زمان ساز
  • زماني ساز
  • سخن ساز
  • سلاح ساز
  • سنگ ساز
  • عشوه ساز
  • عمارت ساز
  • عِمارَت سازُ
  • فسون ساز
  • نمڪ ساز
  • نَقش سازُ
  • هم ساز
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    سازُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    لغار

    لَغارَ جمع لَغاروَن

    ث . (سن. لَگهو= ذرو، رَتي) آڻُو، رَتِي، ذرو. جُزو، ذراڪه ، تِرَ ماتر، تمام ٿورو، لاڳاپو، اثر. سڪ، سارُوڻِي. رَسُ، چشڪو. نشان، داغ، چِٽو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal