(Structuralism)
هن نظرئي مؤجب عمل جي ڀيٽ ۾ بيهڪ ۽ بناوٽ کي اهميت حاصل هوندي آهي، هن نظرئي جو بنياد مشهور لساني ماهر فرڊيندي سوسيور (1857-1913ع) وڌو، جنهن کي لسانيات جي علم (Linguistics) جو ابو چيو ويندو آهي. هن نظريي ۾ لسانيات، ڏند ڪٿائون، آرٽ ۽ سماجي تنظيمون اچي وڃن ٿيون. ساختياتي لسانيات ۾ پاڻ ۾ مربوط عنصري نظام جي لحاظ کان ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان ساختيات جو ادبي تنقيد تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي. ساختيات جي تحريڪ هڪ لکڻيءَ کي ساڳي قسم جي ٻين لکڻين سان ڳنڍڻ جي حامي آهي، جنهن کي Intertexuality چئبو آهي. اها المتلقيت (Abslutilism) بيشڪ ته ٻاهرين عنصرن يا ٻين سرشتن سان واسطو رکڻ کي اهميت نه ٿي ڏئي، پر ساڳي قسم جي ٻين لکڻين جي تناظر ۾ تحرير کي پنهنجي تجزئي جو حصو بڻائي ٿي.
ساختيات سان لاڳاپيل لفظ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal