بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
De-facto Recognition
ڊي فيڪٽو رڪگنيشن
Defacto هڪ لاطيني اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ”حقيقت ۾“يا”عملي طرح“آهي. هيءُ اصطلاح بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاريءَ ۾ مڃتا (Recognition) جي حوالي سان استعمال ٿيندو آهي. اِن اصطلاح مان مراد اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ ڪنهن به سياسي تبديليءَ يا قدم کي عارضي بنيادن تي ڪنهن مڪمل قانوني ۽ سرڪاري ڇنڊڇاڻ بنا قبول ڪيو وڃي، البت ضروري ناهي ته ڪنهن به اهڙي سياسي تبديليءَ کي هميشه لاءِ مڃيو وڃي. مثال طور عارضي بنيادن تي برطانيا طرفان روس جي سوويت حڪومت کي 1921ع ۾ تسليم ڪيو. پر بعد ۾ 1924ع ڌاري ساڳي حڪومت کي مڪمل سرڪاري پروٽوڪول سان قبول ڪيو ويو. تنهن هوندي به زميني حقيقت طور هڪ حڪومت ٻيءَ سرڪار کي تسليم ڪندي ضروري ناهي ته اُن سان پنهنجا عام سفارتي لاڳاپا به قائم ڪري
ڪرم ڪرڻ
مهرباني ڪرڻ ، احسان ڪرڻ ، نوازش ڪرڻ ، ڀلائي ڪرڻ ، وَڙُ ڪرڻ ، ٿورو ڪرڻ ، لائق ڪرڻ ، ٻاجهه ڪرڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal