SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رپوزتاز


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

رپوزتاز

( Reportage)

رپوز تاز اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو انگريزي لفظ ’رپورٽ‘ سان گهرو واسطو آهي. رپورٽ ڪنهن اچانڪ مسئلي جي هو بهو بيان کي چئبو آهي. عام طور رپورٽ روزاني يا هفتيوار اخبار لاءِ لکي ويندي آهي، جنهن ۾ ادبي رس به هوندو آهي. اکين سان ڏٺل واقعي جي دلچسپ نوع ۾قلمبند ٿيل رپورٽ، ”رپوزتاز“ بڻجي ٿي. ليکڪ، رپوزتاز ۾ پنهنجي تصور جو استعمال نٿو ڪري سگهي. رپورتاز ۾ ليکڪ کي ليکڪ ۽ فنڪار جو ٻٽو رول ادا ڪرڻو پوندو آهي. ڪن خاص جلسن، ميلن، ٻوڏن، وچڙندڙ بيمارين ۽ جنگين وقت عوام جي ڏک سک کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي، سمجهي ۽ محسوس ڪري رپورتاز جي صورت ۾ جڏهن ليکڪ دل آويز رپورٽ قلمبند ٿو ڪري، تڏهن ئي هو پنهنجي ادبي تخليق ۾ عوام جي صحيح تصوير ٿو پيش ڪري.


Remember Me Also:

وڌاوڙو

وَڌاوِڙو جمع وَڌاوِڙا

ذ . ڀِت کان ٻاهر نڪتل حصو (ڇت جي ڪام جو). ڪنهن به جاءِ جي ماڙيءَ جو ٻاهر نڪتل ٽُڪر، ٺَٺُ، بَناءُ، ٺاههُ، سينگار (جاءِ ۾)، ٺاهه ٺُوهه، زينت، بيهڪ. سونهن، زيب.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal