بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Ruhr Valley
روهر ويلي
هيءَ جرمنيءَ جي هڪ ماٿري آهي، جيڪا معدني دولت ۽ صنعت جي حوالي سان مالا مال آهي. هن واديءَ جو تذڪرو 1919ع جي ’ورسيلز ٺاهه‘ ۾ تمام گهڻو ٿيو، جنهن جي هڪ شِق مطابق، جيڪڏهن جرمنيءَ طرفان پهرين عالمي جنگ جو تاوان ڏيڻ ۾ گوٿناٿي ڪئي تي هن واديءَ تي اتحادين طرفان قبضو ڪيو ويندو. 1923ع ۾ جڏهن جرمني اهو طئه ٿيل ڏنڊ ڏئي نه سگهيو، ته فرانس ۽ بيلجيم جي فوجن برطانيائي حڪومت جي مرضيءَ خلاف هن واديءَ تي قبضو ڪري ورتو، جنهن جو مقصد جرمنيءَ جي ڪوئلي، لوهه ۽ فولاد جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ هيو. ان اڳرائيءَ جي جواب ۾، جرمن عوام طرفان فرانسين سان عدم تعاون جي ڪري، سڄي واديءَ جو صنعتي ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، جنهن ڪري جرمني اقتصادي طور وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal