(Romance)
لفظ ”رومانس“ قديم فرانسيسي زبان ۾ استعمال ٿيندو هو. بعد ۾ ’رومانس‘، اسپيني، اطالوي، پرتگالي، لاطيني ۽ انگريزي زبانن ۾ ڪتب اچڻ لڳو. قديم ادب ۾ سورمن ۽ سورهين جي ڪارنامن کي بنيادي حيثيت حاصل هئي. بعد ۾ “رومانس” جو اصطلاح اهڙن قصن لاءِ مخصوص ٿي ويو، جن ۾ سورمن جي بهادري ۽ جانبازيءَ جو ذڪر مبالغه آميز انداز ۾ بيان ڪيو ويو هجي. اهڙن داستانن کي بهادريءَ وارا قصا (Chivalric Romance) چيو ويندو هو. گهڻو پوءِ چيو ويو ته رومانس هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن ۾ زندگيءَ کان پري تصوري ماحول يا لاڙو پيش ڪيل هجي، عاشقاڻي جذبن ۽ باهمي ڪشش دوران ٿيندڙ حيرت ۽ پراسراريت جو احساس هجي. رومانس جا خاص جزا جنگ، حسن، ايمان ۽ مذهب آهن. رومانس دراصل رومانوي ۽ افسانوي ادب جو اوائلي اهڃاڻ آهي.
اجوڙ
ذ. صت. [سن. اَ = نه + جُڊ = ڳنڍڻ يا ملائڻ] جنهن جو جوڙ جيس نه هجي ، بي نظير ، لاثاني. اَڻ چڱو ، ناچاڪُ ، بيمارُ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal