
اعرابن سان:روشَن خَيالِي
روشَن خَيالِي: [ا - مث] عَقَلمَندِي، ڏاهَپَ، دانائِي
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
(Enlightenment)
روشن خيال عام طور تي اهڙي شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو غلط روايتن، رواج پرستي جي زنجيرن کان آزاد هجي ۽ اخلاق ۽ معاشرتي طور طريقن کي عقل ۽ فهم سان پرکي ۽ انهن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اپنائي يا بين الاقوامي سطح تي نون تقاضائن مطابق اختيار ڪجي. اهڙا عمل جي روايت پرستيءَ جي خلاف هجن ۽ عقل فهم جي روشنيءَ ۾ عالمي قدرن مطابق هجن، تن کي روشن خياليءَ ۾ شمار ڪبو آهي.
Enlightenment
فرانسيسي انقلاب کانپوءِ خاص طور سترهين کان ارڙهين صدي عيسوي جي پڄاڻي تائين اڀريل مڙني نظرين سبب يورپ ۾ آيل نئين لهر ان سياسي تاريخ ۾ پراڻن نظرين جاءِ والاري، ان دؤر جا مکيه مفڪر روسو، هيوم، هابس ۽ لاڪ آهن.
دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:
Enlightenment
روشن خيالي سان لاڳاپيل لفظ
.
روشن خيالي بابت وڌيڪ اصطلاح
جاڪجڻ
مصدر. ”جاڪِڻ“ مان فعل مجهول. محڪم ٿيڻ ، پڪ ٿيڻ ، پختو ٿيڻ ، سوگهو ٿيڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal