SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


روايتي- عام رواجي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


روايتي- عام رواجي

Conventional

ڪنوينشنل

جيتوڻيڪ هن اصطلاح جي صفتي معنيٰ ”عام رواجي“ يا ”روايتي“ آهي، پر بين الاقوامي تجزيي ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان ڪو به ڇيد ڪار ماضيءَ جي ڪارگُذاري، حال جي حالتن ۽ آئيندي جي اُپٽار وارين مڙني صورتن ۾ بُنيادي فرقن کي سمجهائڻ لاءِ ڪتب آڻيندو آهي. خاص طور تي اهڙيون صورتون جن ۾ تبديلي اچي چُڪي هُجي ۽ ان تبديليءَ کي ماضيءَ سان ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪجي، ته هن اصطلاح جو استعمال سندس صفتي معنيٰ جي بلڪل اُبتڙ هُجي ٿو. مثال طور؛ ”روايتي هٿيارن“ (Conventional Weapons) جي اصطلاح جو جنگي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان استعمال، دراصل ”نيوڪليائي هٿيارن“ جي تصور کي چٽو ۽ جُدا ڪري بيان ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي. ساڳي طرح جنگي حڪمت عمليءَ ۾ به جڏهن اسين ”روايتي جنگ“ جو تصور ڏيندا آهيون ته اُن جو اصل مقصد غير روايتي جنگ جي تصور، مثال طور؛ ”گوريلا جنگ“ کي عام رواجي جنگي طريقي کان ڌار ڪندي، اُن جي منفرد ۽ غير معمولي ڍنگ کي واضح ڪرڻ هوندو آهي


Remember Me Also:

هوشاچڻ

هوشُاچَڻُ

سُرت اچڻ، حواس جاءِ ٿيڻ، هوشيار ٿيڻ، سنڀالڻ. بيهوشي دور ٿيڻ، غنودگي رفع ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal