SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رنگڻ


:جامع سنڌي لغات ۾

رنگڻ

رنگَڻُ

مصدر. [ف. سن] رنگ ڏيڻ ، رنگ ڪرڻ ، رنگ چاڙهڻ ، رنڱَڻُ ، وَرن ڏيڻ ، فام ڪرڻ ، رنگو ڪرڻ ، وَرنو ڪرڻ ، رُوپ ڏيڻ ، رنگدارُ بنائڻ. ڳاڙهو، سائو، ڪارو وغيره ڪوبه رنگ ڏيڻ. روغن ڪرڻ ، وارنش ڏيڻ ، مَلمعو ڪرڻ. هَمرنگُ ڪرڻ ، پاڻ جَهڙو ڪرڻ. ڳاڙهو ڪرڻ ، رتو ڪرڻ ، رتول

رِنگَڻُ

مصدر. ڪُرڪَڻُ ڪِنجهَڻُ ، چِنگهَڻُ. دانهون ڪرڻ ، رڙيون ڪرڻ ، واڪا ڪرڻ. هَري هَري روئڻ ، هَنجُون هارَڻُ. ڀُٽِڪَڻُ ، ڀُٽ ڀُٽ ڪرڻ ، چَپَنُ ۾ ڳالهائڻ. ڦڏو ڪرڻ. اُٺ جو آواز ڪرڻ ، اُٺُ جو رَڙَڻُ ، دانهون ڪندو هلڻ ، چِنگهِندو هلڻ. وَڄَڻُ ڪنهن بَرتن وغيره جو. گو

رِنگَڻُ جمع رِنگَڻَ

ذ. کاري جي مڇيءَ جو هڪ قِسم منهن سڻيلو. پُڇ سنهون، ڊيگهه ٢ ، ٤ فوٽ.

رُنگَڻُ

مصدر. ٿوري زياده جي گهُرَ ڪَرڻ ، رينگَ ڪرڻ ، گِهلَ ڪرڻ. رونگ گهرڻ ، جيڪي ملي تنهن کان ڪجهه وڌيڪ گهُرڻ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

رنگڻ

اعرابن سان:رَنگڻُ

رَنگڻُ: [مص - فعل متعدي] رَنگُ ڏِيَڻُ (ڳاڙِهو، سائو، ڪارو وغيره)، رَنگُ ڪَرَڻُ، رَنگُ چاڙَهَڻُ، رَڱَڻُ، وَرَنُ ڏِيَڻُ، فامُ ڪَرَڻُ، رَنگو ڪَرَڻُ، وَرنو ڪَرَڻُ، رُوپُ ڏِيَڻُ، رَنگِدارُ بَنائِڻُ، روغَنُ ڪَـرَڻُ، وارِنِش ڏِيَڻُ، مَلمَعو ڪَـرَڻُ
* هَم رَن

اعرابن سان:رُنگَڻُ

رُنگَڻُ: [مص - فعل متعدي] ٿورِي زِياده جِي گهُـرَ ڪَرَڻُ، رِينگَ ڪَرَڻُ، گِهِلَ ڪَرَڻُ، رُونگ گهُرَڻُ، جيڪِي مِلي تَنهِن کان ڪُجُهه وَڌِيڪَ گهُرڻُ
* ]مص[ رُنگَڻُ
* ]امر[ رُنگِ
* [رُنگِيو، رُنگَندو، رُنگِيَلُ]

اعرابن سان:رِنگَڻُ

رِنگَڻُ: [مص - فعل لازمي] ڪُرِڪَڻُ، ڪِنجَهڻُ، چِنگَهڻُ
* دانهُون ڪَرَڻُ، رَڙِيُون ڪَرَڻُ، واڪا ڪَرَڻُ
* هَري هَري روئَڻُ، هَنجُون هارَڻُ
* [رِنگِيو، رِنگِيا، رِنگِي، رِنگِيُون، رِنگِيندو، رِنگِيندا، رِنگِيندِي، رِنگِينديُون، رِنگِيَلُ]
* ]

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


سرائڪي سنڌي لغت مان:

رنگڻ

سنڌي : رنگڻ

سرائڪي سنڌي لغت رنگڻ/رنگڻ

]فعل متعدي[ رنگ ڪرڻ، پالش ڪرڻ پينٽ ڪرڻ(رنگیندا، رنگیا، رنگیسی)


سنڌي : رنگڻ

سرائڪي سنڌي لغت رِنگڻ/رِنگڻ

]فعل متعدي[ دانهڻ، رَنڀڻ، رَڙ ڪرڻ، آواز ڪڍڻ


سرائڪي سنڌي لغت مان:

رنگڻ

سرائڪي : رنگڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: رنگڻ/رنگڻ

]فعل متعدي[ رنگ ڪرڻ، پالش ڪرڻ پينٽ ڪرڻ(رنگیندا، رنگیا، رنگیسی)


سرائڪي : رنگڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: رِنگڻ/رِنگڻ

]فعل متعدي[ دانهڻ، رَنڀڻ، رَڙ ڪرڻ، آواز ڪڍڻ


ٻارن جي لغت مان

رنگڻ

گرامر noun

- اسم

variant of رڱڻ


رنگڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


رنگڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • رنگڻ ج رنگڻ

  • .


    رنگڻ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    سائل

    ذ. ع. سوالي ، پينارُ ، عرضدار ، فقير ، اميدوار. پڇندڙ. درويش ، ويراڳي. گراهڪ. اصِيلُ.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal