SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رلڻ


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


رلڻ

रलणु v. n.

To be mixed, joined, connected, mix.


रुलणु v. a.

To wander about in search oaf anything fruitlessly, ramble, be expended or lost uselessly, go to ruin, be miserable or wretched, to stray.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

رلڻ

رلَڻُ

مصدر. [سن. لَلَڻَ] ملائڻ ، گڏائڻ. هلڻ ، رمڻ.

رِلڻُ

مصدر. مِلڻ ، گڏجڻ. گڏ وچڙ ٿيڻ.

رُلَڻُ

مصدر. [سن. لُلَنَ] ڪنهن مطلب کان سواءِ هيڏانهن هوڏانهن ڌِڪا کائِڻ ، ڀٽڪڻ ، اجايو هلڻ ، بي فائدو ڊوڙڻ ڊُڪڻ ، بيڪار ڦِرڻ. اوجهڙ ٿيڻ. ڀلجڻ ، گمراهه ٿيڻ. وڇڙڻ ، جُدا ٿيڻ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

رلڻ

اعرابن سان:رَلَڻُ

رَلَڻُ: [مص - فعل متعدي] مِلائِڻُ، گَڏائِڻُ
* هَلَڻُ، رَمَڻُ
* ]سن[
* ]مص[ رَلَڻُ
* ]امر[ رَلِ
* [مضارع] رَلَيان (ج) رَلَيُون، رَلِين (ج) رَليو، رَلي (ج) رَلِينِ
* [زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ زمان حال استمراريءَ لاءِ ’پيو‘

اعرابن سان:رَلَڻُ

رَلَڻُ: [مص - فعل متعدي] مِلَڻُ، گَڏِجَڻُ، گَڏُ وِچَڙَ ٿِيَڻُ
* ]مص[ رِلَڻُ
* ]امر[ رِلِ
* [رِلِيو، رِلَندو، رِلِيَلُ]

اعرابن سان:رُلَڻُ

رُلَڻُ: [مص - فعل متعدي] ڪَنهِن مَطلَبَ کان سِواءِ هيڏانهُن هوڏانهُن ڌِڪا کائِڻُ، ڀَٽِڪَڻُ، اَجايو هَلَڻُ، بي فائِدو ڊوڙَڻُ ڊُڪَڻُ، بيڪارِ ڦِرَڻُ
’چَؤ مان ڪَنهِن جي ڪاڻِ، رُلان پَيو راتَڙيُون‘ (شيخ اَياز)
* اوجَهڙ ٿِيَڻُ
* ڀـُلجَڻُ، گُمراهُه ٿ

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


سرائڪي سنڌي لغت مان:

رلڻ

سنڌي : رلڻ

سرائڪي سنڌي لغت رَلَڻ/رَلَڻ

]فعل لازمي[ ملي وڃڻ، شامل ٿي وڃڻ، جـُڙِي وَڃڻ


سنڌي : رلڻ

سرائڪي سنڌي لغت رُلَڻ/رُلَڻ

]فعل متعدي[ آوارو ٿيڻ، گھمڻ، ڦرڻ
* گم ٿيڻ


سرائڪي سنڌي لغت مان:

رلڻ

سرائڪي : رلڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: رَلَڻ/رَلَڻ

]فعل لازمي[ ملي وڃڻ، شامل ٿي وڃڻ، جـُڙِي وَڃڻ


سرائڪي : رلڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: رُلَڻ/رُلَڻ

]فعل متعدي[ آوارو ٿيڻ، گھمڻ، ڦرڻ
* گم ٿيڻ


رلڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


رلڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آواره گرد وانگر رلڻ
  • آواره گردي ڪرڻ-بي مقصد رلڻ
  • جڻ ٻچو رلڻ
  • جڻ/جڻ ٻـچو رلڻ
  • رندن ۾ رلڻ
  • لٽڻ، ڦرڻ، لٽ مارجي ڳولها ۾ رلڻ
  • ڀٽڪڻ، رلڻ
  • گهمڻ ڦرڻ، گشت ڪرڻ، رلڻ

  • .


    رلڻ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    اپوٽ

    ذ. صفت. اَپَوِترُ.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal