SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ذميت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ذميت

Dhimmitude

ذميٽيوڊ

اسلامي-رياستي رويو، جنهن ۾ غيرمسلم جي مسلمانن جيتري سماجي ۽ سياسي حيثيت هوندي آهي. جيتوڻيڪ رياستي حدن اندر رهندي، غير مسلمانن کي پنهنجي عقيدي مطابق عبادت ڪرڻ جو حق حاصل هوندو آهي، پر هڪ شهري طور سندن حيثيت ڪم-تر سمجهي ويندي آهي. ”ذمي“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لُغوي معنيٰ آهي”تحفظ ڏنل“. ان معنيٰ مطابق غير مسلم آباديءَ کي مخصوص ٽئڪسن جي بدلي ۾، رياستي سطح تي تحفظ مُهيا ڪيو ويندو آهي، پر رياستي ڪاروهنوار ۾ سندن حصو مسلم آباديءَ ۽ حاڪمن جي مرضيءَ مطابق طئه ٿئي ٿو . هيءُ تصور جديد جمهوري رياستي سرشتي ۾ ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهيو آهي ۽ دُنيا جي تقريبن مڙني مسلم رياستن ۾ غير عقيدي جي ماڻهن کي سماجي ۽ سياسي طور وڌيڪ ذميواريون ڏنيون وڃن ٿيون


Remember Me Also:

هنب کڙو ڪرڻ

هُنبُ کَڙو ڪَرڻُ (ت)

نئين ڳالهه جاڳائڻ، شور ڪرڻ، گوڙ ڪرڻ، لڙ ڪرڻ، ڌمچر مچائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal