
دِلِي جمع دِلِي
ذ. صفت. دل جو ، دل وارو. جاني جگري. حُبّ وارو ، قُرب وارو ، پيارو. دل تي ، مرضيءَ تي.
دِلِي جمع دِلِيُون
ث. ننڍو دِلو ، گهڙي ، ننڍي مَٽِي.
دَلِي
اسم خاص. تعلقي فيض گنج رياست خيرپور ۾ هڪ ديهه جو نالو.
دِلِي جمع دِلِيُون (ت)
ث. مستيءَ وقت اُٺ جي وات مان نڪتل ماسَ جي ٿيلهِي.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
دِلِي
دِهلي، هندستان جي گادي جو هنڌ.
کِوِيُون خُراسانَ، ڊها دِليَ ڏينديون.(س: سارنگ،ف :1،ص277)
دِلِي سان لاڳاپيل لفظ
.
دِلِي بابت وڌيڪ اصطلاح
خارزار
ڪنڊن وارن وڻن جو جهنگ ، ڪانڊيرن واري زمين.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal