بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Entente Cordiale
اَن تانت ڪارديال
هيءُ فرانسيسي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ: ”دوستاڻو سهڪار“ آهي. هي اصطلاح يورپ جي ٻن مُلڪن (فرانس ۽ برطانيا) وچ ۾ تاريخي ٽڪرائن کانپوءِ 1904ع ۾ ٿيل اَڻَبَڻَت جي چٽائيءَ ۽ برطانيائي ۽ فرانسيسي معاهدن جي سلسلي ۾ ٿيل سهڪار لاءِ استعمال ٿيندو آهي. انهن ٺاهن جو مقصد فرانس ۽ برطانيا طرفان گڏجي جرمنيءَ جي وڌندڙ اثر ۽ يورپ ۾ سندس طرفان ٿيندڙ امڪاني چڙهت کي منهن ڏيڻ هو. ان ٺاهه تحت فرانس مصر ۾ برطانيائي اثر ۽ برطانيه مراڪش ۾ فرانسيسي اثر کي تسليم ڪيو ، ٻنهي مُلڪن اِهو پڻ مڃيو ته هُو ، نيو فائونڊلئنڊ، اولهه آفريقا، مڊگاسڪر، سيام ۽ نيو هئبرائيڊس ۾ هڪٻئي جي خلاف ڪارروايون نه ڪندا. انهيءَ سهڪار سبب آفريقا ۽ وچ اوڀر ۾ ٻنهي مُلڪن طرفان هڪٻئي خلاف ويڙهه ۾ گهٽتائي آئي، جنهن ڪري ٻنهي پنهنجون توانائيون جرمنيءَ خلاف اتحاد ۾ سيڙائيون.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal