
دَاٻ جمع دَاٻُون
ث. گهوڙي جي اڳين ۽ پوئين ٽنگ ۾ ٻڌڻ جو رسو. دَٻَڪُ ل. پارائي ، ٻاري ، ڪاٺ جو بيرم ، ڪانو. گوڏي جيترو پاڻي. هلڪي ماني ، ڦُلڪو ٿ.
دَاٻُ جمع دَاٻَ
ذ. [پرا. دَپّ. سن. دَرپَ] زور ، بَار. ٽِڪو ، چُٽو ، داغُ. ڊَپُ ، دَٻَاءُ ، دڙڪو.
دَاٻَ جمع دَاٻُون
ث. مٿان کان هيٺ ايندڙ زور ، دَٻَ ، ٻوجههُ ، بارُ. دَٻَڪُ ، ڏانَوڻُ ، ڏاڻُ. ڪام کي هيٺان ايندڙ ٽيڪَ.
دَاٻُ جمع دَاٻَ
ذ. مٿان آيل زور ، دَٻاءُ ، زور ، دَٻَ ، سختي ، تنگي. بارُ ، ٻوجههُ ، وَزَنُ. دَهمان ، دڙڪو ، تاب ، ڌمڪي. خوف ، رعب ، دٻدٻو. داغ ، عيب ، چُٽو.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
pressure
داٻُ سان لاڳاپيل لفظ
.
داٻُ بابت وڌيڪ اصطلاح
لانگوٽيو
ذ . صف. لانگوٽي ٻڌڻ وارو ، لانگوٽ ٻڌندڙ. زِناڪار، بدچال. بي حيا، بي شرم، بي نڪو ، بي ديدو ، ڪميڻو ، اوباش ، لانڊارو ، بدفضيلتو. فتنه انگيز ، چالاڪ. ننڍو ڇوڪر. ننڍپڻ جو ساٿي ، گهرو دوست.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal