بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Homeostasis
هوميو سٽيسز
هيءُ جاندار توڙي بيجان شين جي وچ ۾ موجود جديد رابطي جي سرشتي (Cybernetics) سان لاڳاپيل اصطلاح آهي. جنهن منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ حرڪت پذير وجود (Organism) آسپاس جي ماحول سان ڪهڙي طريقي سان مناسبت رکي ٿو. Homeostasis جي جاندار ۽ مشين وچ ۾ ضابطي ڀريل رابطائي سرشتي (Cybernetics) سان ايتري ويجهڙائي آهي، جيتري مشين جي بناوتن (Mechenics) جي توازن (Equilibrium) سان. هن خيال بابت بُنيادي ڪم پروفيسر ڪارل ڊيوئٽس (1963ع) جو ڪيل آهي. Cybernetics ۾ ڪا به حاصلات يا ماحوليات بابت ڄاڻ ترتيب (Process) ۾ آڻي، اُهي نتيجا حاصل ڪيا وڃن ٿا، جيڪي ڪو به حرڪت پذير وجود (Organism) ڄاڻڻ گهري ٿو ۽ جن سان تناسب ۾ هلڻ گهري ٿو. جيئن ته انهيءَ سرشتي ۾ ڄاڻ جو وهڪرو Cybernetics جي مک اصولن مطابق مسلسل هلندو رهي ٿو، تنهنڪري Homeostasis به بذات خود هڪ جاري وساري سرشتو آهي. ان هوندي به هيءَ تصور اڃا تائين سياسي تجزيي ۾ ڪنهن خاص معياري ماپي واري حيثيت ڪو نه ماڻي سگهيو آهي
سيماب
[ف. سيماب = پارو] هڪ سفيد پاڻياٺو ڌاتو ، پارو. اسم خاص. هندستان جي هڪ اردو شاعر جو تخلص سيماب اڪبر آبادي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal