بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Weapons of Mass Destruction WMD
ويپنس آف ماس ڊسٽرڪشن
هي هڪ گڏيل اصطلاح آهي، جيڪو نيوڪليائي، حياتياتي ۽ ڪيميائي هٿيارن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. انهن هٿيارن جي استعمال سان انساني جانين، ٻين ساهدارن، ماحول ۽ جوڙيل عمارتن جي وڏي پيماني تي تباهي ٿئي ٿي. شروع ۾ ان جو مقصد هوائي جهازن ذريعي خطرناڪ ايٽمي هٿيار دشمن مُلڪ مٿان اُڇلائن لاءِ ٻُڌڻ ۾ آيو، پر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي اچڻ سبب انهن هٿيارن جو دائرو جيوڙائي ۽ تپش پيدا ڪندڙ هٿيارن سميت وڏي پيماني جي بربادي پيدا ڪندڙ هٿيارن لاءِ به ڪتب آيو. هيءُ اصطلاح ’سرد جنگ‘ جي ڏينهن ۾ عظيم عالمي طاقتن جي وچ ۾ ٽڪراءَ واري دور ۾ عروج تي پهتو ۽ خاص ڪري آمريڪا ۽ سوويت يونين هن ڏس ۾ مقابلي جي ڊگهي ڊوڙ پُڄائي. آخرڪار زندگي ناس ڪندڙ هٿيارن خلاف سڄي دُنيا ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايٽمي ڌماڪا نه ڪرڻ ۽ وڏي تباهي ڦهلائيندڙهٿيار نه ٺاهڻ جهڙا مُعاهدا ۽ اصول عمل ۾ آيا
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal