SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


حفاظتي حڪومتي تحويل


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


حفاظتي حڪومتي تحويل

Internmet

انٽرنمينٽ

جنگ جي دؤران هڪ مُلڪ جي آباديءَ جو ڪو حصو ٻئي مُلڪ ۾ هُجي، پر ڪُجهه سببن جي ڪري ٻئي مُلڪ هڪٻئي جا جنگ ۾ مخالف ٿي پون، ته غيرملڪين کي بچائڻ لاءِ ”انٽرنمينٽ“ جو قانون لاڳو هوندو آهي. ان کان علاوه جنگ جي دؤران ڪنهن وڏي انساني گروهه کي به هن اصول تحت بنا مقدمو هلائڻ جي جيل يا نظربنديءَ ۾ رکيو ويندو آهي. هن قانون ۾ اهو به بيان ٿيل آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ جيڪڏهن ويڙهه هلندي هجي ته ان کي بند ڪرائڻ لاءِ گرفتاريون ڪرڻ ۽ ماڻهن جي گروه کي مخصوص هنڌ تان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو. 1907ع واري ”هيگ ڪنوينشن“ يا 1949ع واري ”جنگي قيدين ۽ شهرين جي بچاءَ لاءِ جنيوا ڪانفرنس“ (Geneva Conference on Prisoners of War and Protection of Civilizations) ۽ 1986ع واري ”بين الاقوامي ريڊڪراس ڪانفرنس“ جو بُنيادي مقصد جنگي حالتن دوران عام ماڻهن ۽ جنگي قيدين کي Internment جي عمل تحت، حڪومتي تحفظ ۾ وٺڻ ۽ کين وڏن حادثن ۽ اڳرائي پسند قيدين کان بچائڻ هُئو


Remember Me Also:

تقصير

ث. [ع. قَصَرَ، تَقصِير = گهٽ ٿيڻ. گهٽ ڪرڻ] ڏوهه ، قصور. خطا ، غلطي. گهٽتائي ، ڪمي ، ڪوتاهي. غفلت ، ويسر. ڀُل ، چُڪَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal