
جَتَ
اسم خاص. بلوچن جي هڪ ذات جو نالو. جت بلوچ. گهڻا پاڙا ميرجت، ٻَٻر، بهراڻي، بَنبل، ڀَنڊ، بلادي، براهماڻي، بنگلاڻي جت، چاڪراڻي، دائيداڻا، ديداري، ڪَلاري ، قمبراڻي ، ڪَلاچي. لنجواڻي ، لِشاري ، مَڪول، زهراڻي، زرداري ، بِشڪوائي، راوچي، منهون راڄ، لَٽِيار وغيره
جَتُ جمع جُتَ
ذ. اُٺ هڪليندڙ، اُٺ ڌاريندڙ يا چاريندڙ ، اوٺِي ، اوٺار ، شُتربان.
جِتِ
ظرف. جِتي ، جنهن هنڌ ، جنهن جاءِ تي ، جنهن جاءِ.
جُتُ جمع جُتَ
ذ. [سن. يُت] جوڙو ڪنهن به شيءِ جو مثلا ايرينگن جو جُت وغيره. جوڙي. صفت گَڏُ ، ٻيلهڙ. جُٽُ. ڳَنڍيل ، وچڙيل ، جُتِي ل ڏاڻُ ڏاوَڻُ ڪ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
جَتُ
ھڪ ذات، جنھن جو ڪنھن وقت ۾ گهڻو ڪري گذران اُٺَ پالڻ ۽ چارڻ تي ھو.
ايڏي ڏُھه نه اُٺڻي، ڦَرَ لئه ڇڏ اُسَتُ
جي تون اُن جو جَتُ، ڦَرَ کي ڇا لئه ٿو ڦُرين.
(سُورج مکيءَ سانجهه:56)
جَتُ سان لاڳاپيل لفظ
.
جَتُ بابت وڌيڪ اصطلاح
چوري چڪاري
ث. چوري. چورين جي ڌُم چوري وغيره.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal