اعرابن سان:جوڳُ ج جوڳَ
]ا - مذ[ ميلاپُ، وَصل (اُپائيندڙ سان)
* يوگ، مراقبو، ڌِيان، سماڌِي
* ڌيان ڄمائي روح سان ملي وڃڻ، ذڪر فڪر ذريعي معرفت حاصل ڪرڻ جي حالت
* ]پرا: جوگو؛ سن: يوگه. يج = مِلڻ[
* تارن جو ميلاپ (جنهن جي حساب سان نجومي اڳڪٿيون ڪندا آهن)
* جوڳي فقيرن جو زهد، تپسـيا وغيره
* گرهڻ جي موقعي تي گرهڻ جي گردان جون ڪي جايون
* نصيبَ جي گهڙي، سدوري گهڙي، نيڪ ساعت
* جسماني عمل (روحاني عمل جي برعڪس)
* من جي خواهش کي روڪ
* ڀنگَ جو ڦوڳُ، جوڳو
* جڙي ٻوٽيءَ جو علم ۽ عمل
* سزا، سيکت
* ڪشت، ڪشالو، سختي، تڪليف
* واپاري خطن يا هـُنڊِين ۾ سِري واري نشاني (جيڪا ظاهر ڪري ته اُها هَنڊِي يا خط فلاڻي ماڻهوءَ ڏانهن موڪلڻو آهي)
* ]صفت[ ٺهڪندڙ، موزون، پورو، ٺِيڪ
* مناسب، واجبي
* لائق، قابل
* سهائيندو، جڳائيندو
* ]ظرف[ ڏانهن، لاءِ، واسطي
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
ڦٻائڻ
مصدر. کائي وڃڻ پئسا وغيره هڙپ ڪرڻ ، خيانت ڪرڻ ، بي ايماني ڪرڻ. ڀچائڻ ، قابو ڪرڻ ، لوه ڪرڻ ، بلائتو ڪرڻ ، ٺيڪ ڪرڻ ، ٺهڪائڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal