
جوڙَ
ث. جُٺِ ، تعدي ، سيکت ، سزا.
جوڙَ جمع جوڙُون
ث. ”جوڙڻ“ مصدر. مان اسم. ٺاهپَ ، بناوت ، خلقت جهان جي گهاٽ ، اَڏاوت ، سِٽَ ، سِٽاء ، رِٿَ ، تجويز. مخلوق ”ڌڻي جي جوڙَ“. قدرت ، ڪاريگري. صفت مهانڊو ، بيهڪ ، شبيهه. ”ٻاروچا ٻيا گهڻا، تو جيءَ جوڙَ ناهي ڪو جَتُ“ چڱو جت. شين جو ميلُ. ملائڻ جو ڪم. رياضيءَ
جوڙُ
صفت. [سن. جوڊ] پورو ، ٺهڪندڙ ، کُپ. ملي ايندڙ. جهڙو ، جيسِي ، جِيسُ ، جيڏو ، برابر ، مَٽُ. ثاني. جمع ، گڏ ، ڀيڙو. شَرِيڪ ، ساٿي. تندرست ، چڱو ڀلو ، جوپَ. ”عاشق جان تو جوڙ، تان تو سُڌ نه سُورجي“ خان زئي.
جوڙُ جمع جوڙ
ذ. سَنڌُ ، ڳنڍُ ، ٽاڪو. ميل ، ميلاپ. مِلڻ. ٺاهه ، صُلح. جملو ، جوڙ اُپت ، ٽوٽل. ڪنهن به شيءِ جو ٻن نرماد جو عدد.
جوڙَ جمع جوڙوُن
ث. مصدر. ”جوڙڻ“ مان اسم. بناوت ، ٺاهپ. سِٽا. ترتيب.
جَوَڙَ (ل)
بَڪَ ، لٻاڙ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
جوڙِ
ٺاههِ، گهَڙِ، تيار ڪَرِ، ڳَنڍِ، مِلاءِ.
اِهڙي سَٽِ سيد چئي، جِينءَ تِينءَ ڪري جوڙِ. (س: کنڀات،ف: 3،ص111)
2. تَندُون جوڙِ تُنبيرَ!، اُٿي ساڄُ سَنڀاءِ تون.(س: پرڀات،ف: 2،ص166)
جوڙِ سان لاڳاپيل لفظ
.
جوڙِ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
جوڙِ لفظ جو عام استعمال
سوء لاهڻ
عزيز جي مرڻ بعد ڪنهن خاص ڏينهن تي زالن طرفان هڪ ادا ڪيل رسم پوري ڪرڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal