
جهُڪَلَ (ڪ)
ث. صفت. ڏُٻري ، اَڀرِي چوپائي.
جَهَلُ
ذ. [ع. جَهل] بي علمي ، جهالت ، ڄَٽپڻو. ناداني ، اڻ ڄاڻائي. بي وقوفي. جوشُ ، جذبو. ڪاوڙ ، غُصو.
جهَلَ جمع جهَلُون
ث. مصدر. ”جهلڻ“ مان اسم. روڪ ، رنڊڪ. پڪڙ. پَلَ ، منع ، ممانعت. بندش. آڏَ ، آڌر. شڪار واسطي وڻ جي ڏارن تي ٻڌل پينگهي مثل جهولِي. گُڏڻو. ٻاٻرو جهنگ. چوپائي مال جي روڪ لاءِ ٺاهيل واڙو. جنڊيءَ ۾ کتل لوهه جي سِيخ. اُها ٻڪري جا لَڳُ يا ٻوڪُ نه ڪري ، اها ڪاٺي جي
جهُلَ جمع جُهلون
ث. [ع. جُل َّ] غاشيو ، بالاپوش ، سينگار لاءِ اٺ جي پٺيءَ تي وجهڻ جو هڪ ڪپڙو جو هيٺ تي لڙڪندو آهي. ڀَرتُ ڀريلُ رنگين ٽُڪريُنِ سان ڪپڙو جو اُٺ، ڍڳي وغيره تي پٺي ڍڪڻ خاطر وجهجي. ڍَڪُ ڪپڙي جو. [ڍاٽڪي] پَٿراڻِي، وِهاڻي وغيره جي ڇَو ٿ.
جهِل
ث. هڪ سائو ٻوڙو جنهن جي پنن جي بهترين ڀاڄي ٿئي.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
hindrance; obstruction; restriction; prohibition; forbidding
جهَلَ
روڪ، رَنڊڪ.
جهَلَ جَهروڪي ناههِ ڪا، خاصي خِلوَتَ آههِ.(س: سورٺ،ف :1،ص267)
2. سُوٽَ وَٽي سَيٽُ، جَهل نه لانچھُون ڪَرهو. (س: کنڀات،ف: 2،ص106)
جهَلَ سان لاڳاپيل لفظ
.
جهَلَ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
جهَلَ لفظ جو عام استعمال
آخرڪار
ظرف. آخرين طرح ، نيٺ ، آخر.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal