داخليت ۽ اثريت (Impressionism and Subjectivity) جديديت تحت سرجندڙ ادب ۾ ماڻهوءَ جي اندر جي وارتا کي اڪيلي گفتگو يا يڪ ڪلامي (Monologue) يا خود ڪلامي (Soliloquies) جي ذريعي پيش ڪرڻ ۽ ڪهاڻيءَ کي ڪردار جو محتاج بنائڻ به شامل هو، نه ته قديم يا ڪلاسڪ ادب ۾ رڳو فرضي ڪهاڻين تي زور هوندو هو. ماڻهوءَ جي فطرت ۽ ان جي داخلي ڪيفيتن، احساسن ۽ وارتائن بجاءِ جديديت ۾ اهو لاڙو متعارف ٿيو، جنهن تحت ماڻهوءَ جي اندر جا مسئلا بيان ڪيا ويا، جن ۾ Stream of Consciousness (شعور جي وهڪري) تحت ورجينيا وولف ۽ جيمس جوائس سرفهرست آهن. صنفن جا دائرا ٽوڙيا ويا. مثال طور شاعريءَ ۾ نثري نظم ۽ ناول کي شاعريءَ ۾ پيش ڪرڻ. ٽوٽڪن وارو ادب بنا ترتيب جي متعارف ڪرائڻ اهڙو لاڙو جنهن مطابق Reflexivity هجي ته جيئن شعر، ناول، ڊرامو پنهنجي فطرت مطابق معاملا (Issues) اڀاري سگهي. مطلب ته جديدت ادب ۾ نوان گس ڏنا، نوان تجربا ڪيا ۽ ڪلاسڪ ادب جي دائرن کي ٽوڙيو جنهن ۾ اصولن تحت ادب سرجندو هو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal