بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Modernization
موڊرنائيزيشن
هڪ نظريو، جنهن مطابق ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙ هر قوم ۾ موجود آهي ۽ موجوده دور ۾ پڻ سڀ قومون ان سلسلي ۾ متحرڪ آهن.هيءُ اصطلاح سماجي تبديلين جي ان سلسلي جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو ابتدا ۾ اولهه يورپ مان شروع ٿيو، ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو. نواڻ جو تصور سماجي تبديليءَ جو اهڃاڻ هوندي به پنهنجي جوهر ۾ فقط سياسي تبديلين تائين محدود ناهي، بلڪه حقيقت اها آهي، ته سماج جي مڙني رخن ۾ جيڪا به نواڻ ايندي، اها سياست ۾ پڻ تبديلين جو محرڪ بڻجندي. خاص طور تي جيئن جيئن نواڻ جي پيشقدمي وڌندي، تيئن تيئن ان ۾ سماج جي مختلف پرتن جي شموليت ۽ حصيداري وڌندي ويندي ۽ اها واڌ آخرڪار سياسي ادارن جي وجود، هئيت ۽ تبديلين تي زور ڏيندي. ان حوالي سان نواڻ دراصل هڪ گهڻ رخو سلسلو آهي. سياست ان جو هڪ حصو آهي ۽ اها سياست سان گڏ معيشيت، ثقافت، ٽيڪنالاجي، نفسيات ۽ ذهني روين سميت انساني زندگيءَ جي مڙني پهلوئن ۾ تبديلي لاءِ راهون نروار ڪري ٿي، ان حوالي سان جنس جي جڳهه تي مٽا سٽا لاءِ سڪي جو پيدا ٿيڻ، پوتر قدرن جي مٿان، سيڪيولر اصولن جي برتري، گهرو صنعتن جي جاءِ تي ڪارخانن جي پيداواري عمل جو قيام اڻ ڄاڻائيءَ جي بجاءِ خواندگيءَ جو اسرڻ ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي جهيڻائيءَ تي شهري زندگيءَ جي اوسر مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ مٿيون مڙئي تبديليون سڄي دنيا ۾ ساڳئي نموني نه آيون آهن، ۽ نه ئي اهي اڻ ٽر آهن. ان کان سواءِ ان راءِ تي به ڳنڍ ٻڌي بيهڻ اجايو آهي ته مڙني تبديلين جي نتيجي ۾ لازمي طور ترقي به ٿي آهي. ان هوندي به گذريل ٻن صدين جو تجزيو اهو ٿو ٻڌائي ته تبديلين جي ذريعي آيل نواڻ جون خاصيتون بهرحال بالڪل واضح ۽ تقريباً سڄي دنيا تي اثر انداز ٿيون آهن، ان کان علاوه جيئن ته نواڻ جو سلسلو هڪ عالمگير عنصر آهي ۽ تقريبن سڀ سماجي سرشتا ان کان متاثر ٿيا آهن، تنهنڪري ان عمل رياستن جو هڪٻئي تي انحصار وڌايو آهي ۽ سرحدي حدبندين کي اورانگهي مختلف ملڪن جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آندو آهي، خاص طور تي نواڻ ذريعي ايندڙ تبديلين، قومن جي قيادت ۽ اهم طبقن تي تمام گهڻا اثر ڇڏيا آهن. جيئن ته اهي طبقا تبديلين جي عمل کان تمام گهڻا متاثر ٿين ٿا، تنهنڪري اهي ٿيل تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سگهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿا. ”سرد جنگ“ دوران عالمي سياست ۾ نواڻ بابت ٻن رخن ”ترقي“ ۽ ”قومي تعمير“ جي نعرن تي تمام گهڻي سياست ڪئي وئي ۽ دنيا جي ٻن عظيم طاقتن ان حوالي سان ”ٽين دنيا“ کي ”تجربي گاهه“ بڻائي ڇڏيو. ان جي موٽ ۾ ٻن قسمن جا نتيجا پلئه پيا. هڪڙين رياستن ۾ ”نواڻ جا امين“ تبديليءَ جي سلسلي ۾ هراول دستو بڻجي اڀريا. انهيءَ اثر هيٺ ”عالمگيريت“ جي رجحان جنم ورتو ۽ مختلف رياستن جي معيشيت ” عالمگير آزاد منڊيءَ” جو ڪامياب حصو بڻجي پئي. ٻئي قسم جي سلسلي ۾ ”نواڻ“ تبديليءَ جو محرڪ نه بڻجي سگهي ۽ لاڳاپيل خطا ۽ رياستون پوئتي موٽ کائيندي روايت پسنديءَ جو شڪار ٿي ويا
لٿڙ پٿڙ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal