SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جاسوسي


:جامع سنڌي لغات ۾

جاسوسي

جاسُوسي

جاچوسِي ، تاڙَ ، سُونجهه ، ٽيٽَ ، خفيه خبر گيري.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:


جاسوسي

Espoinage


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


جاسوسي

Espionage


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


جاسوسي

Intelligence

انٽيليجنس

هڪ قسم جي صلاحيت جنهن ذريعي مخالف جي رٿائن ، ارادن ۽ نيتن بابت معلومات گڏ ڪجي ٿي . هي عمل رياستي وهنوار جي حوالي سان اندروني توڙي بيروني طور وڏي اهميت رکي ٿو. اهو عمل فوجي يا غير فوجي معاملن ۾ کليي کلايي يا ڳجهي انداز ۾ سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو. بهرحال هر حوالي سان ان عمل جو مقصد، پاليسين جي جو ڙجڪ لاءِ معلومات جي حاصلات ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري، محفوظ ڪرڻ آهي. ڪنهن به جاسوسي تنظيم جو بنيادي حدف، مخالف وٽ موجود ڳجهي معلومات تائين رسڻ، پنهنجي معلومات کي محفوظ رکندي، ان کي دشمن تائين پهچڻ کان بچائڻ Counter Intelligence تحت، ڪنهن معاملي بابت هٿ سان غلط معلومات عام ڪرڻ کيس گمراهه ڪرڻ دوکي (Deception) ۽ ڳُجهي مهم (Covert Operation ( ذريعي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ هوندو آهي. دنيا ۾ ڪي به راز ٻن طريقن، يعني انساني واسطيدارين ۽ ٽيڪنيڪل طريقن سان معلوم ڪري سگهبا آهي، ٽيڪنيڪل طريقن سان ٿيندڙ جاسوسي اشارن Singals ۽ برقي (Eleclronic) وسيلن ذريعن ملندي آهي، جڏهن ته انساني واسطن (Human Sources) واري ڳجهي معلومات ايجنٽن، خفيه ڪاڳرن، گڏجاڻين، تحقيق، روين ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا ذريعي مُمڪن ٿيندي آهي. نئين دور ۾ جاسوسيءَ جي ٽيڪنيڪل وسيلن (مثال طور: سيارن جي استعمال، ڳالهه ٻولهه ٻڌندڙ حساس برقياتي اوزارن ، اڳواٽ چتاءُ ڏيندڙ جهازن ۽ جاسوسي بحري جهازن جي اشارن) طرفان ملندڙ ڳجهي معلومات جي حاصلات سبب، انساني رابطن ذريعي ملندڙ رازن جي اهميت گهٽجي چڪي آهي. ان جي ابتڙ خاص قسم جي رازداريءَ (مثال طور: مخصوص دستاويزيا مخالف فيصلي ساز جا رويا ۽ ارادا) جو علم ڪنهن به بيروني وسيلن سان حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، پوءِ ڀلي ته اسين ڪيترا به جديد برقياتي اوزار ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڇو نه ڪريون. اها حقيقت آهي ته ڪنهن اهم جڳهه تي سيڙايل ڪارندو (Agent in Place)۽ انتهائي اعليٰ تربيت يافته مقرر ڪريل ڇاڙتو ئي اهو اڪيلو وسيلو آهي، جنهن جي معرفت دشمن جي حساس معلومات، راز، رويا ۽ ارادا معلوم ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري جاسوسيءَ جي ميدان ۾ به ان ذريعي جي اهميت ڪڏهن به ختم ٿيڻ جوڳي ناهي. ان کان مليل اهم ۽ حساس معلومات جي بهترين تجزيي کان سواءِ، ڪابه حڪمت عملي جوڙڻ يا مناسب فيصلو ڪرڻ ممڪن نه آهي، ناقص تجزيي نگاري، دنيا جي ڪيترن اهم معاملن ۾ سخت نقصانڪار ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجا ڏنا آهن. ان سلسلي ۾ )1941(ع ۾ سوويت روس مٿان جرمنيءَ جو اوچتو حملو Barbarossa Operation، جاپان جو پرل هار برتي حملو (1941ع) ، اُتر ڪوريائي ڪاهه ((1950ع ۽ يوم ڪپور ) لڙائي 1973ع( وغيره، مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. هن قسم جي واقعن ۾ مليل جاسوسي ناڪاميون وڏن سياسي حادثن کي جنم ڏين ٿيون. ماهرن جو خيال آهي، ته اهڙين ناڪامين پٺيان، مليل ڳجهي معلومات جي ڇيد ڪندڙ جون ڀُوڪ پائيون، ڪامورڪيون احمقائيون، سُستي، اندروني اختلاف ۽ سڀ کان وڌيڪ مخالف ڌر بابت بيٺل ۽ روايتي تصور قائم ڪرڻ واري چُڪ آهي. جاسوسيءَ جي عمل کي سفاتڪاري ۽ بين الاقوامي تعلقات جي هڪ اهم لڪل پهلو (Missing Dimension ) طور ڳڻيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري جو جاسوسيءَ ذريعي ملندڙ ڪاميابيون هڪ محدود دائري کان ٻاهر ٻڌائي نه سگهبيون آهن ۽ انهن کي پڌرو به تمام وڏي عرصي گذرڻ بعد ئي ڪيو ويندو آهي، تيستائين انهن معاملن جي اهميت ختم ٿي چڪي هوندي آهي. موجوده دور ۾ جاسوسيءَ جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي ڪاميابي، ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جي ڳجهن اشارن (Words (Code جي اتحادي جاسوسن طرفان ڪيل ڀڃت آهي، جنهن جنگ جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو. بهرحال پوءِ به جاسوسيءَ جي دنيا ۾ معمولي ناڪامي ته پڪڙجي پوي ٿي ، پر ڪاميابيءَ جو دُڪو دير سان داخل ٿئي ٿو. جاسوسيءَ جو سرشتو، جڏهن مڪمل طور تنظيمي شڪل اختيار ڪري وڃي، ته ان کي (Espionage) جي اصطلاح سان سڃاتو ويندو آهي


جاسوسي سان لاڳاپيل لفظ


.


جاسوسي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • تمهيدي جائزو- ابتدائي جائزو- جاسوسي

  • .


    جاسوسي لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    مواد

    مَوادُ جمع مَوادَ

    ذ . (ع. جمع ماده جو) هر شيءِ جو اصل، مادهه، جوهر، مايو. مال. مصالح. مضمون.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal