
تَلَ
ذ. [تَلِيهَر = ڪارو نانگ. تشبيهه طور ’وار‘ < مخفف تَلَ] وارَ ”سَر کنڊ ۾ سُرها ڪيا، تَرني لوئي تَلَ“ ڪنڀار. ”تَلُ“ جو جمع. اسم خاص تعلقي عمرڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو.
تَلُ جمع تَلَ
ذ. [سن. تَلَ = ترو] تَرُ ، تَرو. هيٺاهين ، نشيب. تري واري زمين ، ترائي. ڀِٽُن جي وچ وارو ڪشادو ميدان جنهن ۾ مينهن جو پاڻي آسپاس جي مٿانهين زمين يا ڀِٽُن تان لهي اچي ۽ ان پاڻيءَ تي زمين آباد ٿي سگهي ، ڏهر تَلِي ٿ. تلاءُ. گهوڙي جي سنجن مان هڪ سنج جو نال
تِلُ جمع تِلَ
ذ. ڪنهن درويش يا وليءَ جي ٻارهي تي رڌل کاڌو جو فقراء لاءِ تيار ڪيو وڃي، ۽ عوام ۾ پڻ تبرڪ طور ورهائجي. گوشت، چانور، ٻاجهري، دال ۽ ٻيون اهڙيون شيون جي نذراني طور ملن سي سڀ ملائي ’تِل‘ رڌو ويندو آهي. ، ڪَندُوري. خيرات [سرائڪي] تِرُ. ٿورو ذرو.
تُلُ جمع تُلَ
ذ. صفت. [سن. تُلَ = مَٽ] برابر ، مَٽ ، همسر ، جهڙو ، مشابه ، سمان ، مثل ”سوا لک ۾ سرس سوايو، طور نه تنهنجو تُل“ احمد شاهه. هڪجهڙو ، ثاني. هڪ جيڏو. هم صورت. ساڳيو. جيڏو ، سَرتو. ث. صفت برابر ، ثاني ”رُتيون مڙيئي ڀليون، ڪانهي تُلَ بهار“. ذ تمام ڊگهي غ
تُلَ جمع تُلُون
ث. [سن. تُلَ] اُڀو مٿي ڏنل زور ، تَڏَ. اُڀِي اُڇَل. ٻُلَ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
تَلَ
ترانگهڙا تلاءَ، گهوڙي کي سنجڻ مهل پهريان تل وجهبا
تَلَ
تلاءُ، ڍنڍ.
تون ٿئين تَلَ تي رات تارن ڀري.
(وِڄون وَسڻ آئيون:255)
تَلَ سان لاڳاپيل لفظ
سيتي
حرف جر. سان ، ساڻ ، سميت ، سين ، ڀيڙو ، سُوڌو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal