SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تيل ڏيساور موڪليندڙ عرب مُلڪن جي تنظيم


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تيل ڏيساور موڪليندڙ عرب مُلڪن جي تنظيم

Organization of Arab Petroleum Exporting Countries OAPEC

آرگنائيزيشن آف عرب پيٽروليم ايڪسپورٽنگ ڪنٽريز

عرب ملڪن جي تيل پيدا ڪندڙ هيءَ تنظيم 1973ع واري عرب اسرائيل جنگ دوران وڌيڪ متحرڪ ٿي ۽ ان تيل جي پيداوار کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪري، مغربي ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن اهي اسرائيل جي حمايت بند ڪن. هن تنظيم ذريعي عرب ملڪن تيل جي پيداوار ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو، جنهن جو صنعتي ملڪن جي پيداوار تي گهرو اثر پيو. هن تنطيم جا بُنيادي ميمبر ڪويت، لبيا (انقلاب کان اڳ) ۽ سعودي عرب هُئا ۽ ان جو بنياد 1968ع ۾ پيو. اها تنظيم اصل ۾ تيل ڏيساور موڪليندڙ عالمي تنظيم O.P.E.C جي هڪ هٽيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ جوڙي وئي، ته جيئن تيل جي پيداوار ۽ اگهن جي ڪٿ، عرب ملڪ پاڻ ڪري سگهن. اڳتي هلي عراق، الجزائر، بحرين، مصر، قطر، شام، تيونس ۽ عرب امارتون به هن تنظيم جا ميمبر بڻيا.


Remember Me Also:

آسري جي جاء

ث. اميدگاه جنهن ۾ اميد هجي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal