بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Tehran Conference
تهران ڪانفرنس
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دؤران 28 نومبر کان ڊسمبر 1943ع ۾ هيءَ ڪانفرنس ايراني دارالحڪومت تهران جي سوويت سفارتخاني ۾ ٿي گُذري، جنهن ۾ برطانوي وزير اعظم ونسٽن چرچل، آمريڪي صدر روز ويلٽ ۽ روسي پريميئر جوزف اسٽالن شرڪت ڪئي. هڪ گڏيل بيان ۾ ٽنهي ملڪن جي نمائندن دنيا جي ٽنهي ملڪن ننڍين ۽ وڏين رياستن کي نئين جُڙندڙ بين الاقوامي تنظيم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. اقوام متحده جي اداري ٺهڻ ۾ هن ڪانفرنس کي اهم سمجهيو ويندو آهي. ان کان علاوه هن ڪانفرنس ۾ هڪ معاهدي تي صحيون پڻ ٿيون، جنهن مطابق نازي جرمنيءَ جي قبضي هيٺ آيل فرانسيسي علائقي جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ جرمنيءَ خلاف آپريشن شروع ڪرڻ بابت موزون وقت جو تعين ڪرڻ کان سواءِ، اتحادي قوتن جي جنگي حڪمت عمليءَ بابت سهمتي پيدا ڪرڻ هُئو.ان کان علاوه مغربي يورپ ۾ جرمنيءَ خلاف نئون محاذ کولڻ به هن ڪانفرنس جي مقصدن ۾ شامل هو. هن ڪانفرنس جي نتيجي ۾ ايران کي پڻ مُختلف قسمن جا فائدا مليا
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal