اعرابن سان:تَـرِڻُ
[مص - فعل متعدي] تئيءَ ۾ پچائڻ، ڀـُڃڻ (پلو، مڇي، ترڪاري وغيره گيهه يا تيل ۾)
* ڇِلڻ، لسو ڪرڻ (ڪنهن ٿلهي ڪاٺي يا دوڳيءَ کي ڪهاڙي سان)
* [مص] ترڻ
* [امر] تَـرِ
* [مضارع] تريان (ج) تريون، ترِين (ج) تريو، تري (ج) ترِينِ
* [زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ زمان حال استمراريءَ لاءِ ’پيو‘ جا مذڪر، مونث جمع جا صيغا ڳنڍبا آهن]
* [حال] تري ٿو (ج) ترِينِ ٿا
* [حال مث] تري ٿي (ج) ترِينِ ٿيون
* [ماضي] تريو (ج) تريا
* [ماضي مث] تري (ج) تريون
* [مستقبل] تريندو (ج) تريندا
* [مستقبل مث] تريندي (ج) ترينديون
* [اسم مفعول] تريلُ
اعرابن سان:تَـرَڻُ
[مص - فعل لازمي] عضون جي چرپر سان پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پاڻ جهلڻ، پاڻيءَ جي مٿاڇري تي رهڻ
*[’ٻڏڻ‘ جو ضد]
* تڙڳڻ
* تري پار ڪرڻ (واهه، درياءَ وغيره)
* لڙهڻ
* پار پهچڻ
* وصول ٿيڻ (ٻڏل رقم)
* چڙهي پوڻ (بيماريءَ مان)
* زمين کي ترگهمائي سڌو ڪرڻ
* [تَريو، تَريا، تَري، تَريون، تَرندو، تَرندا، تَرندي، تَرنديون، تَريل]
اعرابن سان:تِـرِڻُ
[ا - مذ] ڪَکُ، گاهه جو تيلو، ڪانو
* ]هند[
اعرابن سان:تُـرڻُ
[مص - فعل لازمي] تور ٿيڻ، وزن ٿيڻ (ڪنهن شيءِ جو)
* ڪانٽي يا ساهميءَ تي چڙهڻ، وزن ڪرڻ (پنهنجو)
* ]سن: تل = تورڻ[
* چڀڻ (اکين ۾)
* [تـُريو، تـُريا، تـُري، تـُريون، تـُرندو، تـُرندا، تـُرندي، تـُرنديون، تـُريل]
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
.
تـرڻ بابت وڌيڪ اصطلاح
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal