SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تصوف


:جامع سنڌي لغات ۾

تصوف

تَصَوُفُ

ذ. [ع. صفا = صاف ٿيڻ، خالص ٿيڻ < تَصَوُف = صوفي ٿيڻ] نفساني خواهشن کان پاڪائي. نفس جي صفائي جو طريقو. صوفين جو طريقو. علم معرفت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تصوف

(Mysticism)

تصوف لفظ ’صوف‘ (چشم)، صفا (صاف)، اهل صفه (اصحابي) سان جوڙيو ويندو آهي. بنياد ڪجهه به هجي، تصوف ۾ اصل مقصد ”هيڪڙائي“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ڏاڪا مقرر ڪيا ويا آهن، جن کي ”سلوڪ“ جون منزلون چئجي ٿو. مشرق ۾ خصوصاً برصغير ۾ تصوف وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي صورتن ۾ نطر اچي ٿو، جيڪو مختلف مذهبن ۾ نظر اچي ٿو، وحدت الوجود نظرئي جو باني محي الدين ابن العربي (1165-1240ع) هو، جڏهن ان جي ابتڙ ٻيو نظريو ”وحدت الشهود“ جو آهي، جنهن کي مجدد الف ثاني زور وٺايو، هن فڪري مڪتب مطابق، انسان ذاتي حيثِت ۾ تسخير ڪائنات ڪري سگهي ٿو ۽ جُز جي صورت ۾ ڪُل جون خوبيون پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهي ٿو. تصوف جي فلسفي جي انهن ٻنهي مڪتبن تي ناقدن تنقيد ڪئي آهي مثلا: ”وحدت الوجود“ جي نظرئي موجب ماڻهوءَ قدرت جو پرتوو آهي، ان ڪري ناقدن جو خيال آهي ته کيس قدرت تي ڀاڙڻو پوي ٿو. وحدت الشهود جو نظريو ماڻهوءَ کي ڪُل اختيار جو مالڪ بڻائي ٿو، جنهن سان طاقت ۽ سرڪشي جنم وٺي ٿي، جيڪا انسان ذات لاءِ ناڪاري سماجي روين کي جنم ڏئي ٿي، جهڙوڪ: فسطائيت وغيره. وحدت الشهود موجب انسان هن ڪائنات ۾ اشرف آهي ۽ مخصوص عقيدي موجب هو دنيا تي اختيار حاصل ڪرڻ جو حقدار آهي، انهيءَ فلسفي جي مڪتب ”ڪامل انسان“ (Superman) ۽ ”مرد مومن“ جي تصور کي جنم ڏنو. ان تصور اڳتي هلي چونڊ قومن (Selected Nations) ۽ ”چونڊ قوم“ جي حاڪميت کي جنم ڏنو. اهو تصور جرمن فلسفي نٽشي (Nietzsche) جو آهي، خاص ماڻهو، خاص قوم، خاص الخاص عقيدي جي بالادستي ۽ انهيءَ جي حصول لاءِ طاقت جو استعمال، انهيءَ زمري ۾ اچي وڃن ٿا. تصوف جو لاڳاپو انسان ذات ۽ انساني سماج سان آهي، تصوف انساني سماج جي پهرئين باشعور گروهه ۾ موجود هو، جن وٽ راڄنيتيءَ جا سادا ۽ عام اصول هئا، ان ريت تصوف، شڪاري دور کان وٺي زرعي سماج کان ٿيندو جديد دنيا ۾ پهچي پنهنجو سماجي ڪارج ادا ڪري ٿو. تصوف تي جرمن خاتون ميڊم بلوسڪي جون تحريرون نهايت آهن، جن کي ”سيڪريٽ ڊاڪٽرائن“ (Secret Doctrine) سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ خدا، ڪائنات ۽ انسانذات تي سائنسي انداز ۾ بحث ٿيل آهي، هن تحريڪ سڄي يورپ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽين کي جنم ڏنو. سنڌ جي ٿياسافيڪل سوسائٽي به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي رهي آهي. تصوف/وحدت الوجود جاگيرداري ۽ اجاره داريءَ جي خلاف انسانن ۾ برابريءَ جي فلسفي کي هٿي ڏني. تصوف، تعصب جو رد آهي.


.


تصوف بابت وڌيڪ اصطلاح

  • الله، خدا، علم الاهي، تصوف
  • اهل تصوف
  • اهلِ تصوف
  • علم تصوف
  • مال ۽ غيرديانت داري وارو تصوف

  • Remember Me Also:

    اک ڪرڻ

    اَک جو موتيو پاڻي ڪڍڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal