1936ع ۾ لنڊن ۾ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد پيو، انهيءَ زماني ۾ ئي هندستان جي ترقي پسند اديب سجاد ظهير (1905-1973ع) يورپ ۾ رهائش دوران رالف فاڪس (1913-1373ع) ۽ لوئيس آراگون (1897-1982ع)، جهڙن اديبن سان ملاقات ڪئي. لنڊن ۾ هندستاني ترقي پسند اديبن 1936ع ۾ پنهنجي تحريڪ جو پهريون مينيفيسٽو/منشور تيار ڪيو، جنهن تي ڊاڪٽر ملڪ راج آنند، سجاد ظهير، ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ڪي اي ڀٽ، ڊاڪٽر ايس سنها ۽ ڊاڪٽر محمد دين تاثير جون صحيون هيون. اهڙيءَ ريت اپريل 1936ع ۾ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي پهرين ڪانفرنس لکنؤ ۾ ٿي، جنهن ۾ مدراس، گجرات، مهارشٽر، پنجاب، سنڌ، بهار ۽ يوپيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي، شاگردن دفترن ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن، استادن، وڪيلن، ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پارٽين جي ادب سان شوق رکندڙ فردن ۽ اديبن جي وڏي انگ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌي ادب به ترقي پسند تحريڪ کان نه رڳو متاثر رهيو، پر مجموعي طرح سنڌي ادب خاص ڪري شاعري ڪلاسيڪي دور کان وٺي ترقي پسند روين ۽ لاڙن جي حامل رهي آهي، شاهه لطيف جي شاعري پنهنجي دور جي جاگيرداري لاڙن جي مخالف هئي، 1920ع کان سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو ترقي پسند ۽ جديد خيالن جو حامل نظر اچي ٿو، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻين سينيئر اديبن 1940ع جي ڏهاڪي ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ قائم ڪيو، جنهن ۾ 1941-1942ع ڌاري رام پنجواڻي، لعلچند امر ڏني مل، شيخ اياز ۽ ٻين اديبن حصو ورتو. انهيءَ سرڪل ئي اڳتي هلي، سنڌي ادبي سنگت جي صورت اختيار ڪئي، جنهن جي باقاعدي تنظيم ڪاري ورهاڱي کان اڳ اپريل 1947ع ۾ ٿي، جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي، ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز ٿيو. 1954ع ۾ ترقي پسند مصنفين تنظيم تي سرڪار پاران پابندي وِڌي وئي، پر ان کان اڳ 53-1951ع ڌاري سنڌي اديبن هڪ ڀيرو ٻيهر ماٺي ٿيل سنڌي ادبي سنگت کي ڪراچيءَ ۾ جياريو، احسان بدوي، نور الدين سرڪي، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگري ۽ ٻين وغيره ميٺارام هاسٽل ۽ ٻين هنڌن تي گڏجاڻيون ڪيون. انجمن ترقي پسند مصنفين تي پابنديءَ بعد اهو ڪردار سنڌي اديبن وٽ سنڌي ادبي سنگت جاري رکيو. جنهن جي مرڪزي تنظيم ڪاري 1956ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي 12 شاخن شرڪت ڪئي، آئين منظور ٿيو ۽ باقاعدي مرڪزي باڊي چونڊي وئي. اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي سنگت اڄ تائين پنهنجو سفر جاري رکندي اچي پئي. سنڌي ادبي سنگت ون يونٽ دور کان وٺي اڄ تائين پنهنجي روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ سان اڳتي وڌي رهي آهي. ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سرجاءَ ۾ برڪت آزاد، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، اي. جي. اتم، شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻي، گوبند مالهي، ارجن شاد، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سراج، نورالدين سرڪي، استاد بخاري، امر جليل، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، امداد حسيني، عبدالحڪيم ارشد، علي بابا، تاج بلوچ، راشد مورائي، قاسم پٿر، انور پيرزادي، خاڪي جويي، ف. م. لاشاري، بدر ابڙي، تاج جويي ۽ ٻين اديبن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سندن ڪتاب ۽ تحريرون شاهد آهن ته سنڌي ادب هميشه ترقي پسند سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌايو آهي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal