
بيکَ جمع بيکُون
ث. [ف. بيخ = پاڙ] پاڙ ، جڙ. بنياد ، اصل.
بيکُ جمع بيکَ
ذ. [سن. ويشَ] ويس ، لباس ، پوشاڪ. ٻاهريون ويس. ٻهروپ ، چمڙا پوش. فقيراڻو لباس ”بيک کي ٽيڪ“ چوڻي يعني ته فقيراڻي لباس کي مٿي ٽيڪ يا مان. نمونو ، صورت. ڏيک. ڍونگ ، مڪر ، فريب.
بِيکَ
ث. [سن. ڀِڪشا > ڀِڪَش = گهرڻ، مڱڻ، پنڻ] بکيا ، پن. گداگري ، فقيري. خيرات لاءِ سُوال. خيرات جا سوالي فقير کي ڏجي. گهُر ، منٿ ، عرض.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
بِيکَ
خيرات، پِنَ، گداگري، دانُ.
تون ڀُلو آھين اگر سمجهين اِھو زندگيءَ
جي بيک مان گهرندس ڪڏھن.
(ڪَتين ڪَر موڙيا جڏھن ــ2: 203)
بِيکَ سان لاڳاپيل لفظ
الله ميان
ذ. اَلله پاڪ ، ڌڻي سڳورو. ”الله ميان ٿورو! مڙس ڏجانمِ ڇورو“.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal