
بَر
حرف جر. [ف] تي ، مٿان. اسم مفعول اڳيان اچي ’صفت‘ يا ’ظرف‘ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ ”بَرگَشته، بَر جَسته“.
بَر
ذ. [ف. بُردن =بار کڻڻ < بَر] ڦَلُ ، ڦَر ، ثمر. حاصل ، فائدو. [زند. وَرَ] ڀاڪُر. ڇاتي. عورت جو سينو.
بَرِ
صفت. [ع. ”بَريء“ جو مخفف] پاڪ. ڇُٽل. بيزار.
بَرِ
ظرف. برابر ”بَر نه تنهن بَرو بَري، ڪَينچل آهه ڪُجا“ رمضان ڪنڀر.
بَرُ جمع بَرَ
ذ. [ف. بَر ] ويڪر ، موڪرائي ، مُنڍو. ڪپڙي جو پَنو ، عَر ضُ. [ع. بَر] رڻ پٽ ، بيابان ”بَر پڻ ڪن بُڪاءَ اُڪَنڊئا آريءَ لاءِ گهڻو“ شاهه. وسيع مُلڪ جنهن ۾ پرڳڻا گهڻا هجن ، کنڊ. ٿڪل حالت ۾ وهنجڻ يا پاڻي پيئڻ ڪري بدنَ ڪُڙجي پوڻ جي حالت ت.
بِرُ
ذ. [ع] چڱائي ، نيڪي ، ڀلائي.
بِرُ جمع بِر
صفت. [سن. وِراڌ] بيزار ، هلاک ، ڪَڪ. وراڌل ، ڪاوڙيل. ٽاهڙ چوپايو مال.
بُرُ
ذ. [ع] ڪڻڪ ، گندم ”تَمر بُر بريان اُنِ جا، کاڄَ خرما، کيڻ“ سيد هارون.
بُرُ جمع بُرَ
ذ. [ف. بُريدن] بيڊولو. وڍيل، مِنو يا لڙڪيل نَڪُ. وڍيل يا مِني نڪ سان مُنهن ، بُوناڙ ، دوناڙ. پيٽ ، شڪم ل. ڏنڊ ، چَٽي ل. وَڍُ ، چِيرُ ، ڇيههُ ڪ. ٻڪرين جو ڌڻ ڪ. ذ. صفت نَڪ ڪپيو ، بي نَڪو ، بُرو. بدچال.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
good; goodness; virtue
بِرُ سان لاڳاپيل لفظ
.
بِرُ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
بِرُ لفظ جو عام استعمال
مگرو
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal