SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بُوتو


:جامع سنڌي لغات ۾

بُوتو

بوتو جمع بوتا

ذ. [ف. بُت] پوڄا جو پتلو مٽي، ڌاتو، پٿر، وغيره مان ٺهيل ماڻهوءَ جي شڪل تي ، بُت. مجسمو ، صورت. بدن ، جسم. نقلي صورت. جهار کان فصل بچائڻ لاءِ ڪپڙي مان ٺهيل پُتلو ، اوڙو. ڊوهه ڪرڻ خاطر ٺاهيل بوتو. دَمُ ، ڏٽو. ڪوڙو دلاسو. اجايو بهتان. [ف. بوته؛ ع. بُوتَقَه

بُوتو جمع بُوتا

ذ. [هه. بُوتا] طاقت ، ٻَل. زور ، شڪتي. وِتُ ، وسعت. مال ، دولت ، ڌن. بدن ”جيڏا بُوتا، تيڏا ڏُوتا“؛ ”سڀڪو پنهنجي بُوتي آهر کائيندو“.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ٻارن جي لغت مان

بُوتو

گرامر noun

- اسم

power; energy


بُوتو سان لاڳاپيل لفظ