SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بَهاول شاهه ڳاڙها، مارين هرڻ پَچائين ڦاڙها.


ڦلواڙي (سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون) ۾:


بَهاول شاهه ڳاڙها، مارين هرڻ پَچائين ڦاڙها.

ڳاڙهو = سيدن جو پاڙو، جيڪي ڳاڙها سيد سڏبا آهن. (پير حسام الدين راشدي، ”مير معصوم بکري“ صفحو 67)سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ڇتن شاهه ۾ رهن ٿا. بهاول شاهه = ڳاڙهن سيدن جو بزرگ.عوامي روايت آهي ته ميرن جي رياست خيرپور ۾ (ورهاڱي کان اڳ) هرڻ جي شڪار تي پابندي مڙهيل هئي. هيءُ بزرگ سفر تي ويو ۽ خيرپور رياست جي جهنگ ۾ هرڻ جو شڪار ڪيائين. راکن جڏهن ڇاپو هڻي، کيس شڪار سميت پڪڙيو، ته هن کين چيو ته ”ابا، مون ته ڦاڙهي جو شڪار ڪيو آهي.“ ان تي راکن جڏهن پَڪَ ڪرڻ لاءِ شڪار ڪيل هرڻ تان ڪپڙو لاٿو، ته اهو ڦاڙهو هو. ان واقعي تان هيءُ پهاڪو جُڙيو ، جيڪو اڄ تائين علائقي ۾ ماڻهو ڪچهرين ۾ ورجائين ٿا.


Remember Me Also:

ملافاتي

مُلافاتِي جمع مُلافاتي

ذ . صفت. ملاقات ڪندڙ ، ملڻ وارو، گڏجندڙ، ملنسار، مُلاقي. دوست، واقفڪار، سَهِي، آشڻا، عليڪ سليڪ ڪندڙ، رهاڻ ڪرڻ، ڪچهري ڪندڙ، ڳالهه ٻولهه ڪندڙ. حال احوال پڇندڙ، خير خبر پڇندڙ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal