SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي قانون جي ڪميشن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي قانون جي ڪميشن

ILCInternational Law Commission

انٽرنيشنل لا ڪميشن

هيءُ ادارو 21 نومبر 1947ع ۾ گڏيل قومن جي ٺهراءَ نمبر 174 ذريعي عمل ۾ آندو ويو. هن اداري ۾ دُنيا جا چوٽيهه ناميارا قانوندان شامل هوندا آهن، اهي قانوندان پنهنجي انفرادي ۽ ذاتي حيثيت ۾ قانوني ماهر طور چونڊيا ويندا آهن. ڪميشن جو ساليانو اجلاس سئٽزرلئنڊ جي شهر جنيوا ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن ڪميشن ۾ مقرر ٿيندڙ ميمبرن جو تعداد ترتيبوار هيٺين طرح آهي. آفريقا 8، ايشيا 7، لاطيني آمريڪا 6، اڀرندو يورپ 3 جڏهن ته باقي ميمبر ٻين علائقن منجهان چونڊيا ويندا آهن . بين الاقوامي قانون ساز ڪميشن جو بنيادي ڪم معياري بين الاقوامي قانونساز ۽ عالمي برادريءَ کي درپيش مسئلن جو حل تجويز ڪرڻ آهي


Remember Me Also:

ڦڻوٽو

ذ. وڏي ڦڻي. ڪنگو. فقط هڪ پاسي ڏندن واري ڦڻي. پٺن ۾ ٻانهن جي پڇاڙيءَ وارو هڏو ، ڦڻي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal