انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:
International law
دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:
International law
Jus gentium
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
International Law
انٽرنيشنل لا
بين الاقوامي برادريءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ لهه وچڙ ۽ واسطن دوران لاڳو ڪيل ڪجهه خاص قائدن ،روايتن ، سهمتين ۽ اصولن جو مجموعو ، جنهن تي عمل لاءِ لاڳاپيل ملڪ/رياستون، ادارا ۽ فرد مڪمل طور ٻڌل هوندا آهن . عام طرح اهي قائدا/قانون ٻن رخن :
(الف)بين الاقوامي ادارن ۽ تنطيمن جي هڪٻئي سان لاڳاپن ۽ رياستن ۽ فردن سان واسطيدارين
(ب) شخصن ۽ غير رياستي شعبن جي وچ ۾ موجود معاملن يا ذميوارين ۽ حقن جا سنڌا طئي ڪرڻ جي حوالي سان بيان ڪيا ويندا آهن .
’بين الاقوامي قانون‘ جي ابتدا رومي سلطنت جي دور کان شروع ٿي ۽ ’قومي رياستي سرشتي‘ جي قيام سان سگهاري ٿيندي هاڻوڪي روپ ۾ دنيا آڏو نروار ٿي . ان سلسلي ۾ يورپ جو ڪيتريون قومون لکت وارن معاهدن ذريعي اڪيچار معاملن ۾ هڪٻئي ڏانهن پابند ٿيون . نامياري سياسي عالم ’جيرمي بينٿم‘ 1780ع ۾ پنهنجي تحريرن ۾ بين الاقوامي قانون اصطلاح ڪتب آندو ، جڏهن ته ان سلسلي ۾ نامياري عالم ‘هيوگو گروشس‘ کي بين الاقوامي قانون سازيءَ جي حوالي سان سڀ کان گهڻي اهميت حاصل آهي ، پر ’هيگ ڪانفرنسن‘ (1899 ۽ 1907ع) ۽ بعد ۾ ’قومن جي مجلس‘ ۽ ’گڏيل قومن جي اداري‘ بين الاقوامي قانون جي جوڙجڪ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو . بين الاقوامي قانون جا بنيادي ذريعا رياستن جي سهمتي ، روايتون ، معاهدا ، قانوني تشريحون ۽ ملڪي توڙي بين الاقوامي عدالتن جا ڏنل فيصلا آهن . ’بين الاقوامي قانون‘ ٽن مک قسمن سان واضح ڪري سگهجي ٿو .
(1) سرڪاري بين الاقوامي تعلقات : هي قانون ڪنهن اڪيلي ڌر يا گروهه جي صورت ۾ صوبن ۽ بين الاقوامي ڌرين وچ ۾ لاڳاپن لاءِ ڪم اچي ٿو . اهو قانون معاهدن ، سامونڊي قاعدن ، عالمي فوجداري قانون ۽ بين الاقوامي قانون کي پنهنجي دائري ۾ شامل ڪري ٿو .
(2) خانگي بين الاقوامي قانون : ڪن به انفرادي تڪراري معاملن ۾ مقدمن/فيصلن جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان سلسلي ۾ جوڳي قانون جو استعمال بين الاقوامي قانون جي هن قسم هيٺ ٿئي ٿو .
(3) وڏ-قومي بين الاقوامي قانون : بين الاقوامي ڪارپوريشنن ۽ گهڻ-قومي ادارن سان ٿيندڙ تڪرارن جو حل روايتي بين الاقوامي قانون هيٺ نه پر ٿيل معاهدن ،ڏنل خاطرين ۽ ضمانتن هيٺ ٿيندو آهي
بين الاقوامي قانون سان لاڳاپيل لفظ
.
بين الاقوامي قانون بابت وڌيڪ اصطلاح
رجعت
ث. [ع. رَجَع] واپسي ، موٽ. عورت کي رجعي طلاق ڏيڻ بعد، مرد جو اُن طلاق ڏيڻ کان باز رهڻ جو ارادو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal